ڪشمور(رپورٽر)ڪشمور ويجهو هٿياربند 7 ورهين جي معصوم ٻارڙي کي اغوا ڪري ڪچي ڏانهن کڻي ويا آهن
ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ قادو چاچڙ ۾ ھٿياربندن جي ھڪ گھر تي چڙهائي گھر ڌڻي عبدالستار چاچڙ کي سخت زخمي ڪري سندس 7 ورھين جي معصوم پٽ نثار چاچڙ کي اغوا ڪري کڻي ويا، وارثن پاران ڪشمور ٿاڻي تي پھچي نينگر جي اغوا ٿي وڃڻ جي اين سي داخل ڪرائي آهي
مغوي نينگر جي والد جو چوڻ آهي ته گذريل رات پنڌرنھن نامعلوم ھٿياربندن گھر تي چڙهائي ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻائيندي زخمي ڪرڻ کانپوءِ معصوم پٽ نثار چاچڙ کي اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا آهن
سندس چوڻ هو ته ڪشمور ٿاڻي جي پوليس کي بروقت اطلاع ڏنو آهي پر ڪشمور پوليس اغوا ڪارن پويان وڃڻ جي زحمت ناهي ڪئي
وارثن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي ڪشمور عرفان سمون کان فل فور مغوي معصوم نينگر نثار چاچڙ جي بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي