ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ويجهو هٿياربندن پراڻي تڪرار تان فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار فرار ٿي ويا
آرڊي 45 پل وٽ نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڪشمور جي ذوالفقار شاهه پاڙي جو رھواسي 45 ورھين جو شاھنواز شر مارجي ويو آهي مقتول کي قتل ڪندڙ جوابدار ڪشمور پوليس چيڪ پوسٽ آڏو آساني سان فرار ٿي ويا
ڪشمور پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، مقتول جو پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهيو آهي وارثن جو چوڻ آهي ته مقتول کي ناحق قتل ڪيو ويو آهي مقتول جو مڙهه ڪشمور انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو ويندو
ٻئي پاسي ٻڌايو پيو وڃي مقتول کي پراڻي تڪرار تان ڊومڪي برادري جي ماڻهن قتل ڪيو آهي، ڪجهه مھينا اڳ شر برادري جي ھٿياربندن گيھلپور ٿاڻي جي حد ۾ پوليس موبائل تي فائرنگ ڪري پوليس اهلڪار صابر علي ڊومڪي ۽ حدي ڊومڪي کي قتل ڪيو هو جنهن جي پلاند ۾ ڊومڪي برادري جي ھٿياربندن شاھنواز شر کي قتل ڪيو آهي