ڪشمور ويجھو بخشاپور واسين سان حادثو، ڊمپر ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيءُ پٽ فوت، 2 زخمي

ڪشمور ويجھو بخشاپور واسين سان حادثو، ڊمپر ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيءُ پٽ فوت، 2 زخمي

ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور ويجھو گڊو روڊ تي بخشاپور واسي ھڪ ئي خاندان سان افسوسناڪ حادثو، ڊمپر ۽ رڪشا ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب رڪشا سوار 2 ڄڻا پيءُ پٽ ٿڏي تي فوت، عورت سميت 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، فوتين ۾ 35 ورھين جو راجا ڊومڪي ۽ سندس 8 سالن جو پٽ حسين علي ڊومڪي شامل آهن، جڏهن ته عورت جيڪا فوتي راجا ڊومڪي جي گھرواري ۽ سندس پيءُ زخمين ۾ شامل آهن، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي اسپتال منتقل ڪيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، زخمين کي طبي امداد ڏيڻ بعد رحيميار خان اسپتال ريفر ڪيو ويو. ڊمپر ڊرائيور موقعي تي فرار ٿي ويو. پوليس ڊمپر تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.