ڪشمور: پراڻي تڪرار جو جرڳو: 3 خون ثابت: 5 ڪروڙ، 50 لک رپيا ڏنڊ

ڪشمور: پراڻي تڪرار جو جرڳو: 3 خون ثابت: 5 ڪروڙ، 50 لک رپيا ڏنڊ

ڪشمور (رپورٽر) گيھلپور جي ڪوش برادري ۽ ڊرگهه برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان مارجي ويل ٽن ڄڻن جي خون جو مخدوم سيد عثمان محمود جي سرپئنچي ھيٺ فيصلو ڪيو ويو، فيصلي ۾ ڳالهيون ٻڌڻ بعد ڪوش ڌر جي اڪمل خان ڪوش ڌر مٿان ڊرگھه ڌر جا 3 خون ۽ هڪ زخمي ثابت ٿيڻ جا مجموعي طور 5 ڪروڙ،50 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، برادري جي ماڻهن پاران پنجاھ لک رپيا معاف ڪري ڇڏيا، پنج ڪروڙ رپيا ڪوش ڌر چار قسطن ۾ ادا ڪندي، فيصلي بعد دعا گهري وئي، فيصلي ۾ ڪشمور جي معززين امير تيمور  ڊومڪي صاحب ڪوش غلام محي الدين سولنگي جنيد ڊومڪي شعيب ورند شرڪت ڪئي، فيصلو ڪندڙ سيد عثمان محمود ۽ مشيرن فتويٰ  جاري ڪندي چيو ته ڪوش ڌر ڪجھه سال اڳ پنجاب پوليس هٿان عورت جنسي ڏاڍائي قتل ڪيس ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل عبدالغفار ڪوش  جي پلاند ۾ ڪوش برادري پاران ڊرگھه برادري جي چڱن مڙسن جي گھر جي چوديواري تقدس پائمال ڪري ٽن ڄڻن کي قتل ڪرڻ بعد هڪ ڄڻي کي زخمي ڪرڻ تي فيصلو ڪندڙن ٽن مقتولن جي عيوض پنج ڪروڙ پنجاھ لک مقرر ڪيو ويو آهي. زخمي جو پنجاھ لک مجموعي طور ڪوش برادري مٿان ساڍا پنج ڪروڙ چٽي مقرر ڪئي وئي آهي،.