ڪشمور ( رپورٽر) ڪشمور پوليس مقابلي ۾ ٻن ڄڻن کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي، ڌاڙيل فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا
پوليس جو چوڻ آهي ته نائچ ڳوٺ ڀرسان مقابلو ڪري مزدا ڊرائيور رفيق باجڪاڻي، ۽ ارشاد باجڪاڻي کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرايو ويو آهي
ڊرائيور سميت ٻن ڄڻن جي اغوا جي اطلاع تي ڊي ايس پي محمد صادق اوڍو ۽ ايس ايڇ او گل محمد مھر اٽالا وٺي لنڊو بند وٽ ڏوهارين جو گھيرو ڪيو جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾هٿياربند ڊرائيور رفيق احمد باجڪاڻي ۽ ارشاد باجڪاڻي کي ڇڏي فرار ٿي ويا