ڪشمور پوليس ڌاڙيلن اڳيان بيوس، وڌيڪ هڪ شهري اغوا

جُون 9, 2023

ڪشمور ( رپورٽر) ڪشمور پوليس امن قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام بڻيل،  هٿياربند هڪ وڌيڪ شهري کي اغو ڪري ويا

ڊکڻ بنگلو واري علائقي مان موٽر سائيڪل سوار هٿياربند مريد دستي کي اغوا ڪري ويا جنهن بعد اغوا ٿي ويلن جو انگ 6 ٿي ويو آهي

هي به پڙهندا

ڪجھه ڏينهن اڳ ڪشمور ٿاڻي جي حد مان کير فروش امين چاچڙ ۽ ڪامريڊ چاچڙ کي اغوا ڪيو ويو هو  جن کي پوليس بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪي به ڪوششون ناهن ورتيون

گڊو ٿاڻي جي حد آرڊي 16 وٽان ڊمپر ڊرائيور واحد بخش بروهي ۽ محمد حنيف کي اغوا ڪيو ويو هو جيڪي اڃا تائين ڌاڙيلن وٽ آهن

Leave A Comment