ڪشمور ڀرسان اغوا ڪيل نوجوان بازياب
جُولاءِ 6, 2025
ڪشمور ( پنهنجي ڊيسڪ ) ڪشمور جي ڳوٺ قاضي ڪلوڙ مان ھڪ ھفتو اڳ اغوا ٿيل نوجوان وارث ڪلوڙ کي ڪشمور پوليس پاران بازياب ڪرائڻ جي دعوي ڪئي وئي آهي، ڪشمور پوليس جو چوڻ آهي ته ڪچي ۾ انٽيليجنس جي بنياد تي سرچ آپريشن ڪري مغوي نوجوان کي بازياب ڪرايو آهي، اي ايس پي محمد عاشر پاران مغوي نينگر وارث ڪلوڙ کي وارثن حوالي ڪيو آهي ٻئي پاسي چوٻول ھلي رھيا آھن ته مغوي نوجوان جي بازيابي ڊيل تحت عمل ۾ آئي آهي، ھفتو اڳ نوجوان وارث ڪلوڙ کي پنهنجي گهر مان ڌاڙيل اغوا ڪري ويا هئا، جنهن بعد وارثن کان مطالبو ڪيو ويو هو ته ڪشمور پوليس وٽ ساٿي گرفتار ٿيل آهن آزاد ڪيا وڃن ته مغوي نوجوان وارث ڪلوڙ کي آزاد ڪيو ويندو، جنهن بعد قاضي ڪلوڙ برادري پاران ڪشمور ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي روڊ تي عورتن سوڌو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج پڻ ڪيو هو، جنهن کان پوءِ ڪشمور پوليس نينگر جي وارثن کان ٻن ڏينهن مھلت ورتي ھئي.