ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: لياقت علي کوسو)ڪنڌڪوٽ ضلعو ڌاڙيل اسٽيٽ بڻيل، ڪچي ۾ ڌاڙيلن جون 6 گينگز موجود، 3 وڌيڪ متحرڪ، ٻن گينگز پاڻ ۾ اتحاد ڪري ورتو، تقريبن 30 ڌاڙيلن آڏو 2850 پوليس نفري بيوس نظر اچي پئي
ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ جاگيراڻي، تيغاڻي، سبزوئي، ڀيا، بنگوار ۽ شر گينگ موجود آهي جنهن ۾ ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ جاگيراڻي، تيغاڻي، ڀيو ۽ سبزوئي گينگ موجود آهي، جيڪي ڳڙهي تيغو کان دراني مهر ڪچي تائين متحرڪ آهن
ڪشمور واري ڪچي ۾ گهيئل پور، گگلو واري ڪچي ۾ بنگوار ۽ شر گينگ ڏوهي سرگرميون ڪن ٿا، بنگوار ۽ شر گينگ ۾ تقريبن 10 ڌاڙيل ۽ تيغاني، ڀيو، سبزوئي، جاگيراڻي گينگ ۾ تقريبن 20 ڌاڙيل آهن
بنگوار گينگ جو سربراهه شريف بنگوار مارجي ويو هو، سبزوئي گينگ جو سربراهه ڌاڙيل پنهون ۽ ڏاڏو به مارجي ويا هئا جنهن بعد سبزوئي گينگ ڀيو گينگ ۾ ضم ٿي وئي
تيغاڻي گينگ جو ڌاڙيل ٻيلو تيغاڻي، جاگيراڻي گينگ جو جيئند جاگيراڻي، ڀيو گينگ جو خادم عرف خادو ڀيو سربراهه آهي، انهن ڌاڙيلن جي مٿان سرڪار پاران لکين رپيا انعام مقرر ٿيل آهي
ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ پوليس آپريشن جاري آهي جنهن ۾ 2850 اهلڪار حصو وٺي رهيا آهن، جڏهن ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ 30 کان وڌيڪ ماڻهو باندي بڻايل آهن