ڪشمور ۾ ارڙيءَ وگهي 3 معصوم ٻارڙيون فوت: ڪيترائي ٻار بيمار

ڪشمور ۾ ارڙيءَ وگهي 3 معصوم ٻارڙيون فوت: ڪيترائي ٻار بيمار

ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور لڳ ڳوٺ عبدالقيوم خان مزاري ۾ ڪيترائي معصوم ٻار ارڙي جھڙي مرض ۾ حياتيون وڃائي ويٺا، فوت ٿيندڙن ۾ نينگري ۾ دعا مزاري، مريم مزاري  ۽ سومري مزاري شامل آهن،  جڏهن ته ڪيترائي ٻارڙا ارڙي جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، ان حوالي سان ڳوٺاڻن چيو ته گذريل ڪجهه هفتن دوران ارڙي جا ڪيس خطرناڪ حد تائين وڌي ويا آهن، پر صحت کاتي طرفان ڪو به تحرڪ نه ورتو ويو آهي، هنن مطالبو ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي علائقي ۾ ڊاڪٽرن جون ٽيمون اماڻي بيمار ٻارن جو علاج ڪرايو وڃي.