ڪشمور/ ڪرمپور( نمائندن وٽا) ڪشمور ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي، ڪرمپور ويجهو گرڊ اسٽيشن تان 2 سيپڪو ملازم اغوا ٿي ويا، ڪشمور ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، سيپڪو ملازمن ڌرڻا به هنيا، ڪشمور ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي
ڪرمپور ۾ هٿياربند گرڊ اسٽيشن تي ڪاهه ڪري جميل احمد ٻرڙو ۽ آصف پنجابي کي اغوا ڪري ويا
گرڊ اسٽيشن انچارج ڊيوٽي تي پهتو ته آفيس جا ڀڳل شيشا ۽ رت جا نشان ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو
پوليس پهچي گرڊ اسٽيشن ۾ ٿيل ڏوهه جو جائزو ورتو ۽ انچارج کان تفصيل پڻ پڇا ڪيا
واقعي خلاف سيپڪو ملازمن ڌرڻا هڻي احتجاج ڪيو
سيپڪو ملازمن آصف علي پنجابي ۽ جميل ٻرڙو جي اغوا خلاف ھائيڊرو يونين ورڪرز پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
سيپڪو آفيس آڏو هنيل ڌرڻي کي خطاب ڪندي غلام ياسين کوسو نثار جکراڻي رضا نظير دايو شعبان جکراڻي ۽ ٻين چيو ته شهري غير محفوظ آهن پوليس امن قائم ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي آهي
هوڏانهن ڪشمور ۾ بدامني شهرين کي احتجاج تي مجبور ڪري ڇڏيو، شٽر بند هڙتال ڪئي وئي
شهري اتحاد، جي يو آءِ ۽ قومپرست تنظيمن جي سڏ تي شهر مڪمل بند ڪري قاري ڪفايت الله کوسو،رحمدل لاشاري،سليمان بکراڻي، سهراب ملڪ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ويو
اڳواڻن چيو ته ڪشمور ضلعو بدامني جو ڳڙهہ بڻجي ويو، روز اغوا ڦرون چوريون قتل عام معمول بڻيل آهن، ضلعي مان 14 ڄڻا اغوا ٿيل آهن، پوليس بيوس نظر اچي رهي آهي بااثرن خلاف ڪارروائي کان لنوائي رهي آهي
شهرين چيو ته ڏوهاري سرگرميون ڪندڙ ۽ انهن جي سرپستي ڪرڻ وارن خلاف فوري ڪارروائي ڪري امن قائم ڪرايو وڃي