ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور ۾ اغوا وارداتن ۽ بدامني خلاف شهرين هڙتال ڪري ڇڏي، ڪاروبار مڪمل بند، بار جي سڏ تي عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، شهرين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو
عوامي ميڊيا سينٽر جي سڏ تي ڪشمور تعلقي بار جي وڪيلن پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ ھندو برادري سماجي تنظيمن، سگا اڳواڻن ۽ شهرين پاران ڪاروباري مرڪز بند ڪري ريلي ڪڍي وئي آهي
ريلي ۾ شريڪ ماڻهن پاران ڪشمور ۾ وڌندڙ بدامني اغوا ڦر قتل واقعن ۽ پوليس جي ناقص ڪارڪردگي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي آهي
ريلي ۾ شريڪ شھرين جو چوڻ هو ته ڪشمور ۾ پوليس جي ناقص ڪارڪردگي سبب شھري غير محفوظ بڻيل آهن گذريل رات ڪشمور جي موبائيل مارڪيٽ ۾ قائم ھوٽل تان ھندو نوجوان ساگر ڪمار کي نامعلوم ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي ويا ھڪ نوجوان راجڪمار مزاحمت ڪري پاڻ کي ڇڏائي ورتو
ڪشمور تعلقي بار جي وڪيلن مير حمزه شيخ، وڪيل عبدالفھيم ٿھيم نظير احمد سومرو بادل شيخ سگا اڳواڻ فقير زمان دايو شھري ايڪشن ڪميٽي جي حاڪم علي ڀٽي ھندو پنچائت جي چوڌري گرداري ڪيسواڻي نعمت الله کوسو واحد ملڪ ھندو پنچائت جي جنرل سيڪريٽري درشن لعل ڪيسواڻي سريش ڪمار، چوڌري نريش ڪمار ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪشمور ۾ وڌندڙ بدامني، اغوا، ڦر ۽ قتل جي وارادتن سبب شھري گھرن تائين محدود ٿي ويا آهن
سندن چوڻ هو ته ڪاروباري طبقو خوف حراس ۾ مبتلا آهي آئي جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي ڪشمور سميت ڪشمور جا چونڊيل نمائندا نوٽس وٺي ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي
هنن مطالبو ڪيو ته ڪشمور مان اغوا ٿي ويل مغوين کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو