ڪشمور ۾ دارالامان مان واپس ٿيل 2 ٻارن جي ماءُ چاچي هٿان ڪارنهن الزام هيٺ قتل

ڪشمور ۾ دارالامان مان واپس ٿيل 2 ٻارن جي ماءُ چاچي هٿان ڪارنهن الزام هيٺ قتل

ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ٿاڻي جي حد مانگھر ڦاٽڪ واري علائقي ڳوٺ بخشا ڊومڪي ۾ ھڪ ھفتو اڳ دارالامان مان واپس ٿيل ٻن ٻارن جي ماءُ  22 ورھين جي مسمات تھمينا مڙل کي سڳي چاچي علي جان مڙل مبينا طور ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، مقتولا ناري جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتولا جي والد بشير مڙل دانھيندي چيو ته منهنجي نياڻي کي مڙس گھران ڪڍي ڇڏيو هو، جيڪا دارالامان حوالي ٿي ڪوششون وٺڻ بعد ھڪ ھفتو اڳ پنهنجي گهر وٺي آيس زمين تي رونبو ڪري رهيا هئاسين ته فائرنگ جو آواز ٻڌو جوابدار علي جان مڙل جيڪو منهنجو سڳو ڀاءُ آهي منهنجي نياڻي کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو. ڪشمور ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو آهي، ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيون ٿا ته جوابدار گرفتار ڪري نياڻي سان انصاف ڪيو وڃي