ڪشمور ۾ فائرنگ، هوٽل تي چانهه پيئندڙ نوجوان قتل، هڪ ڄڻو زخمي
جنوري 28, 2025
ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور پراڻي ريلوي اسٽيشن ڀرسان انڊس هاءِ وي تي قائم ھوٽل تي چانھه پيئڻ لاءِ ويٺل ڪشمور واسي نظير احمد ميراڻي مٿان موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن سڌي فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ نظير ميراڻي مارجي ويو، صحبت دشتي زخمي ٿيو، سول اسپتال ڪشمور مان ايمبولينس نه ملڻ ڪري مقتول ۽ زخمي کي ڊاٽسن ذريعي ڪشمور اسپتال منتقل ڪيو ويو، مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته ڪشمور سول اسپتال لاءِ ڪروڙين رپين جو بجيٽ ريليز ٿيندي آهي، پر اسپتال ۾ ايمرجنسي جي لاءِ ڪابه ايمبولينس موجود نه آهي، سندن چوڻ هو ته کين وقت تي ايمبولنس ملي وڃي ته شايد نظير ميراڻي جي حياتي بچي وڃي ها. هنن مطالبو ڪندي چيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف پوليس موجب واقعو ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ڪنهن معاملي تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.