| ڪشمور ۾ فيصل آباد واسي کي هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ |
ڪشمور(رپورٽر)ڪشمور پوليس عورتاڻي آواز تي ھرکجي آيل فيصل آباد واسي محمد بلال کي ڪچي جي ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب محمد بلال کي ڪچي جي ڌاڙيلن پاران عورتاڻي آواز تي ھرکائي اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو هو پوليس بروقت اطلاع تي فيصل آباد واسي کي روڪي بچائي ورتو.