ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور ۾ قرض جي ڏنل رقم گهرڻ تان ٻن ڄڻن نوجوان کي ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايو ويو
جوابدار سخاوت راءِ ۽ ساگر ڪمار قرض جي رقم گهرڻ تان نوجوان انيل ڪمار کي تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايو، ٻنهي جوابدارن تشدد کان روڪيندڙ پوليس اهلڪار کي به ڌڪا ڏنا
متاثر نوجوان انيل ڪمار جو چوڻ آهي ته مون کان پون ڪمار ۽ ارجن داس قرض طور رقم ورتي هئي، پئسا گهرڻ تان گذريل رات منهنجي ڀاءُ کي مارڪٽ ڪئي وئي ۽ اڄ مون تي تشدد ڪيو ويو،
متاثر نوجوان جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري قرض واري رقم واپس ڪرائڻ جو مطالبو پڻ ڪيو