ڪشمور(رپورٽر)ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر نه ٿي سگهي، هٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ ۾ هڪ شهري قتل ٿي ويو
رات دير سان انڊس هاءِ وي روڊ تي تاڙ ۾ ويٺل نامعلوم ھٿياربندن ڪار مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ڪشمور ڪالوني 1 جو رھواسي تابع دين کوسو گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي فوت ٿي ويو
مقتول تابع دين کوسو بلوچستان جي علائقي جھٽ پٽ کان ڪشمور واپس پنهنجي گهر طرف اچي رهيو هو
اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي لاش اسپتال کڻائي آئي، ضروري قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪھرام متل آهي