ڪشمور ۾ پنجاب واسي 3 پورهيت پراسرار نموني لاپتا، اغوا جو شڪ ظاهر

جُولاءِ 13, 2023

ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ۾ پنجاب واسي 3 پورهيت لاپتا ٿي ويا، گودام جي مالڪ پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي

سردارو لائين پراڻي روڊ تي قائم گتي جي گودام تي ننڊ ستل پنجاب واسي 3 پورھيت احمد مهر، وقاص ڀٽي ۽ اصغر ڀٽي پراسرار نموني گم ٿي ويا، گودام جي مالڪ ممتاز نيازي پورهيتن جي اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ۽ پورهيتن جي آزادي لاءِ احتجاج ڪيو ويو

گودام مالڪ چيو آهي ته ٽئي مزدوري ڪندا هئا جيڪي رات جو گودام جي ڇت تي سمهندا هئا، گذريل رات کان لاپتا آهن ۽ انهن جا موبائل فون نمبر به بند آهن

ٻئي پاسي ڪسمور ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ٽنھي پورھيتن جي مبينا طور اغوا ٿيڻ جي ڪشمور ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي آهي

Leave A Comment