ڪشمور ۾ پوليس آپريشن: ڊرون ذريعي مارٽر گولا فائر: عورتن ۽ ٻارن سميت 16 ڄڻا زخمي

ڪشمور ۾ پوليس آپريشن: ڊرون ذريعي مارٽر گولا فائر: عورتن ۽ ٻارن سميت 16 ڄڻا زخمي

ڪشمور (رپورٽ: شريف ڄامڙو) ڪشمور جي ٽي پلي واري علائقي ۾ پوليس جي آپريشن دوران مبينا طور ٻارڙن ۽ عورتن سوڌو 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ ياسمين، فاطمه، ربينا الطاف، مسمات پٽولي، صدام ،ميرزادي، مسمات حرمت، حڪيمان مسمات فوزيا، مسمات حاجران، اختيار احمد، مسمات شبيران ،سبرينا، آصف علي ۽ ٻين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻئي پاسي ڪشمور پوليس توڙي زخمين جي وارثن جو ڪو به موقف سامهون نه اچي سگهيو آهي. علائقي ۾ چئوٻول آهن ته ڪشمور ٿاڻي جي حد ۾ ڪاروباري مرڪزن تان ڦر جي وارداتن بعد ڪشمور پوليس جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ گهرن تي چڙهايون ڪيون، آپريشن دوران جديد ٽيڪنالاجي ڊرون جي مدد سان جوابدارن جي گهرن کي نشانو بڻايو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار شھزادو مزاري جا گهر ڀاتي سندس ٻارڙا به زخمي ٿي پيا آهن.