ڪشمور ۾ پوليس ڄڃ تي ڪڙڪي پئي، ڇڪتاڻ، عورت ۽ مرد گرفتار

ڪشمور ۾ پوليس ڄڃ تي ڪڙڪي پئي، ڇڪتاڻ، عورت ۽ مرد گرفتار

ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور پوليس گھوٽڪي واسي مشوري برادري جي ماڻهن جي شادي ڄڃ مٿان ڪڙڪي پئي، گھوٽڪي ويندڙ ڄاڃين جي گاڏي مزدا روڪي پوليس اهلڪار ھڪ عورت گل بانو ۽ نواب گشڪوري کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، وارثن پاران پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته پوليس بنا جواز ڄڃ سان ڀريل گاڏي مان ٻن ڄڻن ھڪ عورت ۽ مرد کي گرفتار ڪري کڻي وئي آهي، عورت مسمات گل بانو جا معصوم ٻارڙا روئيندا رھيا، ٻئي پاسي ڪشمور پوليس موجب گرفتار ٿيل نواب گشڪوري بخشاپور ٿاڻي تي موٽرسائيڪل ڦر ڪيس ۾  روپوش آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.