ڪشمور (رپورٽر)ڪشمور آر ڊي 45 پل ڀرسان قانون لاڳو ادارن جي اهلڪارن اڳوڻي ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ پ پ جي سينيئر اڳواڻ اسرار احمد کوسو کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي
اسرار کوسو کي رستي ويندي آر ڊي 45 پل ڀرسان رينجرز اھلڪارن گرفتار ڪيو، جڏهن ته گرفتاري جا ڪارڻ سامھون نه اچي سگهيا آهن
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسرار کوسو ڪشمور کان پنهنجي زمين تي وڃي رهيو هو ته آر ڊي 45 پل وٽ رينجرز سندس گاڏي روڪي تلاشي ورتي، جنهن دوران هن وٽان هٿيار مليا، ذريعن موجب هٿ ڪيل هٿاير جو لائسنس نه هجڻ تي پ پ اڳواڻ کي گرفتار ڪيو ويو
واضح رهي ته اسرار کوسو 4 سال ڪشمور ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمين رهي چڪو آهي ۽ پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ ضلعي جنرل سيڪريٽري آهي
ٻئي طرف سندس وارثن جو چوڻ آهي ته هن جو ڪردار صاف سٿرو آهي، سندس خلاف ڪو به ڪيس يا ڪا انڪوائري ناهي، کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃي