ڪشمور ۾ گهرو اڻبڻت تان پيءُ پنهنجي پٽ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

مارچ 15, 2025

ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور جي ڳوٺ پنھل چاچڙ ۾ پيءُ پنجٽيهه ورھين جي شادي شده پٽ اصغر چاچڙ کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب جوابدار ستار چاچڙ پٽ اصغر چاچڙ کي گھرو اڻبڻت تان قتل ڪيو آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، جوابدار گرفتار ڪري مٿان ڪيس داخل ڪيو ويندو، ٻئي پاسي علائقي ۾ چئوٻول ھلي رھيا آھن ته پيءُ پٽ ۾ زمين ۽ ملڪيت معاملي تان تڪرار ھو.

Leave A Comment