| ڪشمور ۾ گهر مان چوريءَ جي ڪوشش، مزاحمت تي ڀاڳيو قتل، 2 عورتون زخمي |
ڪشمور (رپورٽ: شريف ڄامڙو) ڪشمور جي ڳوٺ غلام حيدر کوسو ۾ گهر مان چوري دوران مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڀاڳئي عبدالخالق کوسو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب 2عورتون زخمي ٿي پيون، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، مقتولن جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مارجي ويل عبدالخالق کوسو جي وارث حيدر علي موجب ڪشمور ٿاڻي جي حد ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، ڦرون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي.