| ڪشميري اڳواڻ آسيا اندرابي کي عمر قيد جي سزا |
نئين دهلي (م ڊ) دهلي جي هڪ عدالت والاريل ڪشمير ۾ پابندي مڙهيل تنظيم دختران ملت جي سربراهه سيده آسيا اندرابي ۽ سندس ٻن ساٿين صوفي فهميده ۽ ناهيده نسرين کي دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت ملڪ خلاف جنگ شروع ڪرڻ ۽ سازش ڪرڻ جي الزام ۾ عمرقيد جي سزا ٻڌائي آهي. صوفي فهميده ۽ ناهيده نسرين کي 30 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. خاص عدالت ۾ جج چندرجيت سنگهه جي سامهون ٻڌڻي دوران 65 سالن جي آسيا اندرابي، 59 سالن جي ناهيدا ۽ 41 سالن جي صوفي فهمده کي عمر قيد جي سزا جي سفارش ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ عدالت 24 مارچ تي فيصلو ٻڌايو. آسيا اندرابي هوم سائنس ۾ گريجوئيشن ۽ عربي ادب ۾ ايم اي ڪئي آهي. ناهيدا زولاجي ۽ اسلامي مطالعي ۾ ايم اي ڪئي آهي، جڏهن ته صوفي فهمده گريجوئيٽ آهي. آسيا خلاف 33 ڪيس، صوفي فهميده خلاف 9 ۽ ناهيده نسرين خلاف 5 ڪيس مختلف پوليس اسٽيشنن ۾ داخل آهن. آسيا پاڪستان جي آزادي جي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستاني جهنڊو لهرائيندي هئي ۽ پاڪستاني حڪومت تي زور ڏيندي هئي ته ڪشميري تحريڪ جي مڪمل حمايت ڪئي وڃي.