| ڪشميري خطي کي ڪراچي بڻجڻ نه ڏيندا: احسن اقبال |
نارووال (م ڊ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ڪشمير جا ماڻهو ڪشمير کي ڪراچي بنجڻ نه ڏيندا اهي ڪشمير کي لاهور جهڙو ڏسڻ چاهين ٿا. نارووال ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ۾ احسن اقبال بلاول ڀٽو زرداري کي مخاطب ٿيندي چيو ته بلاول صاحب ڪشميري اوهان جي ۽ اسان جي پارٽي جي ڪارڪردگي کي چڱي ريت سمجهن ٿا، انهن کي خبر آهي ته ڪنهن جي حڪومت جي دور ۾ ڪرپشن ٿيندي آهي. احسن اقبال چيو ته 90 سيڪڙو پاڪستان لاهور واري ترقي کي ووٽ ڏيندو. مسلم ليگ (ن) جي ڪارڪردگي سموري پاڪستان ۾ مشهور آهي. مسلم ليگ(ن) پاڪستان جي مضبوطي جي نشاني آهي.