ڪشمير اليڪشن ۾ سپورٽرن جي سڀني کي خبر آهي: ناصر شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاھ چيو آهي ته صوبي وارو راڳ پراڻو آهي. سنڌ پر امن صوبو آهي،سنڌ جي ورهاڱي جو مطالبو مناسب ناهي. صوبي جي ڳالهه ڪري نفرت جي سياست کي هٿي ڏني پئي وڃي. ڪالهه هجرت ڪالوني  ۾ ڊسپينسري جي قيام واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ حڪومت مشڪلاتن باوجود پنهنجو ڪم ڪري پئي. هن چيو ته ڪراچي مني پاڪستان آهي، هتي ماڻهو گهمڻ نه پر مستقل رهڻ لاءِ ايندا آهن. جيڪي چون ٿا ته 2008ع کان وٺي پيپلز پارٽي تباهي ڪئي آهي، انهن کي چوندس ته پيپلز پارٽي جا منصوبا ڳڻي وٺو. هن چيو ته ڪراچي ڏوهن جي فهرست ۾ 5 نمبر تي هو، هاڻي اتي امن قائم ٿيو آهي، ڪراچي بدترين شهر هجي ها ته ماڻهو ڇو اچن ها؟  هن چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پاران به صوبي سان زيادتي ڪئي وئي آهي. پورٽ سٽي کان موٽروي ٺهندا آهن پر سنڌ کي نظر انداز ڪيو ويندو آهي. متحده ڏانهن اشارو ڪندي ناصر شاھ چيو ته انهي پارٽي جا ماڻهو وفاق ۾ ڇو نه ٿا ڳالهائين؟ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪشمير ۾ کٽندڙن کي جن جي سپورٽ آهي، انهي جي سڀني کي خبر آهي. رات تائين پيپلزپارٽي جو سيٽون واضح هيون. هن چيو ته نوڪرين لاءِ انٽرويو ان لاءِ ڪيا ويندا آهن ته جيئن ڪنهن کي اعتراض نه ٿئي. جيڪڏهن ميرٽ جي لتاڙ ۾ ڪير ملوث آهي ته ان خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.