ڪشمير تڪرار حل لاءِ آڇ جي آجيان: ٽرمپ جي صورت ۾ مضبوط ڀائيوار مليو آهي: وزيراعظم
مَي 12, 2025
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ ٽرمپ جي آڇ جي واکاڻ ڪيون ٿا، يقين آهي ته ٽرمپ جي صورت ۾ پاڪستان کي بهترين ڀائيوار مليو آهي، اميد آهي ته ٽرمپ پاڪستان ۽ آمريڪا جي نئين اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي مضبوط ڪندو، ٻنهي ملڪن ۾ واپار، سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌايو ويندو، وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر ٽرمپ جي بيان تي شڪر جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا ڏهاڪن کان هڪ ٻئي جا ڀائيوار رهيا آهن، ٻئي ملڪن گڏيل مفاد کي هٿي ۽ تحفظ ڪن ٿا، ٻنهي ملڪن هميشه عالمي امن لاءِ گڏجي ڪم ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته صدر ٽرمپ جي آڇ کي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ اهم سمجهان ٿو، پاڪستان ۽ آمريڪا امن ۽ سلامتي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهيا آهن، ۽ گڏيل مفادن جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ ويجهو تعاون ڪيو آهي، صدر ٽرمپ جي آڇ کي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ اهم سمجهان ٿو.