ڪشمير جي پابندي پيل ايڪشن ڪميٽي فضل الرحمان کي ٽياڪڙ مقرر ڪري ڇڏيو

ڪشمير جي پابندي پيل ايڪشن ڪميٽي فضل الرحمان کي ٽياڪڙ مقرر ڪري ڇڏيو

مظفرآباد (م ڊ) آزاد ڪشمير ۾ پابندي پيل جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ڪشمير ۾ خراب ٿيل صورتحال تي مولانا فضل الرحمان کي ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان هڪ بيان ۾ چيو ته آزاد ڪشمير ۾ خراب صورتحال تي ڪشميري ۽ پاڪستاني عوام انتهائي فڪرمند آهي جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي سردار عمر عزيز، خواجه مهراڻ ايڊووڪيٽ، شوڪت نواز مير مون کي صحي ڪري هڪ خط اماڻيو آهي. انهن ڪشمير ۾ پيدا ٿيل بحران ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ ٽياڪڙي ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي مون ڪشمير ۽ پاڪستان جي بهترين مفاد لاءِ مصالحتي ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ حامي ڀري آهي. هن چيو ته هن وقت ڪميٽي جا ماڻهو ڌرڻي ۾ ويٺل آهن ۽ ايندڙ لائحه عمل طرف وڌي رهيا آهن. ٽياڪڙي لاءِ مون کي مهلت گهرجي ته جيئن حڪومت سان رابطو ڪري ڳالهين جي لاءِ راضي ڪري سگهجي. هن چيو ته هن وقت ڪميٽي پهرئين مرحلي ۾ پنهنجي ڌرڻي کي ملتوي ڪري ۽ ٻئي ڪنهن لائحه عمل جي طرف نه وڃي ته جيئن ڳالهين جو رستو ملي سگهي ۽ ڳالهيون شروع ڪري سگهجن. مولانا فضل الرحمان ٻنهي ڌرين کان  نرم روين طرف وڃڻ جي اپيل ڪئي.