ڪشمير لاءِ موت به قبول: ياسين ملڪ جو ڀارتي عدالتن ڪيس وڙهڻ کان انڪار

ڪشمير لاءِ موت به قبول: ياسين ملڪ جو ڀارتي عدالتن ڪيس وڙهڻ کان انڪار

سرينگر (م ڊ) ڀارتي قيد ۾ موجود ڪشميري اڳواڻ ياسين ملڪ ڀارتي عدالتن تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي پنهنجو ڪيس وڌيڪ وڙهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ياسين ملڪ سرينگر جي عدالت ۾ 25 صفحن تي ٻڌل حلف نامو جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن ۾ ياسين ملڪ جا 24 آگسٽ تي ڏنل لکت وارا بيان به شاهدين جو حصو قرار ڏنا ويا آهن. ياسين ملڪ حلف نامي ۾ چيو آهي ته ڀارتي حڪومت 36 سالن کانپوءِ کيس هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ملوث ڪري ڦاهي ڏيڻ جي سازش ڪري رهي آهي، ڀارتي عدالتن مان انصاف جي اميد ناهي، عدالت موت جي سزا به ڏئي ته اها ڪشمير لاءِ قبول آهي، جڏهن ته عدالتي سزا قبول ڪرڻ جو مطلب مٿس مڙهيل ڏوهه کي قبول ڪرڻ ناهي. حلف نامي ۾ ياسين ملڪ 1990ع جي سرلا ڀٽ قتل ڪيس ۾ ملوث هجڻ جي الزام کي سختي سان رد ڪيو، کيس سرلا ڀٽ جي لاش وٽان مليل مبينا جي ڪي ايل ايف نوٽ جي بنياد تي ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو هو. هن چيو ته سرلا ڀٽ جي قتل کان 11 ڏينهن اڳ هو سخت زخمي هو، جنهن سبب قتل جي منصوبابندي يا هدايتون ڏيڻ ممڪن نه هو. ڀارتي ايجنسين کيس پاڪستان سان لاڳاپا وڌائڻ لاءِ چيو ۽ بعد ۾ ساڳي ڳالهه کي ثبوت طور پيش ڪيو ويو، واجپائي حڪومت جي دور ۾ اجيت دوول، برجيش مشرا ۽ آر ڪي مشرا کيس پاڪ-ڀارت لاڳاپن ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ چيو هو.