ڪشمير کان به وڏو مسئلو ڪراچي جي زمينن جو آهي، 30 کربن جي ڪرپشن جون فائلون کليون ته ممڻ مچندو: نيب چيئرمين
فيبروري 12, 2025
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد بٽ چيو آهي ته سنڌ جي زمينن ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن ٿي رهي آهي، ڪراچي ۾ 7500 ايڪڙ زمين جي جعلي دستاويزن ذريعي 3 هزار ارب روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، اهي فائلون کليون ته ممڻ مچي ويندو. لياري ۽ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽين پاران انفرااسٽڪچر مڪمل نه ڪرڻ سبب 22 سالن کان الاٽيز کي قبضو نه ڏيڻ افسوسناڪ عمل آهي، بلڊرن جي تنظيم آباد ٺوس ثبوت فراهم ڪري ته ڪاروائي ڪنداسين. ڪالهه آباد هائوس جي دوري دوران آباد جي چيئرمين محمد حسن بخشي، وائيس چيئرمين سيد افضل حميد، طارق عزيز ۽ ٻين سندس آجيان ڪئي. ان موقعي تي نيب چيئرمين چيو ته ڪشمير کان به وڏو مسئلو ڪراچي جي زمينن جو مسئلو آهي، ڪراچي ۾ بلڊرن جا بيشمار مسئلا آهن، سڀ مسئلا ٻُڌي ورتا آهن، نيب جو ادارو بلڊرن سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته نيب قانون ۾ سڌارا آندا ويا آهن. نيب ۾ ڪهڙا ڪيس فائل ٿيڻ گھرجن؟ اهو سسٽم اپڊيٽ ڪيو ويو آهي. نيب چيئرمين چيو ته بلڊر جيڪڏهن 5سالن اندر اڏيل 85 هزار غيرقانوني عمارتن جا ثبوت پيش ڪن ته اهي عمارتون آباد جي مشوري سان ريگليولرائيز ڪيون وينديون، هن چيو ته ڪراچي ۾ هاڻي نسلا ٽاور جهڙو ٻيو واقعو پيش نه ايندو. نيب چيئرمين نيب انڪشاف ڪيو ته نيب سنڌ ۾ 8 مهينن دوران 4 هزار ارب رپين جي ماليت جي 18 لک ايڪڙ زرعي ايراضي تان قبضو ڇڏائي روينيو کاتي حوالي ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ هر ڪو شهري ڪنهن خلاف به شڪايت داخل ڪرائي سگھندو هو، هاڻ ڪوڙي درخواست داخل ڪرائڻ تي 2 ارب ڏنڊ ۽ 7 سال قيد جي سزا آهي، مون چيئرمين جو عهدو سنڀالڻ بعد سڌارا آندا آهن، هاڻ نيب وٽ ماهوار شڪايتون 4500 کان گھٽجي 150 کان 200 تائين پهتيون آهن، هن چيو ته 2022ع کان اڳ داخل ڪيل لڳ ڀڳ 21 هزار شڪايتون ختم ڪيون ويون آهن، ڇاڪاڻ ته اهڙيون شڪايتون ڪرائيندڙ درخواستگذار نه هئا، هن چيو ته ماضي ۾ نيب طرفان ٿيندڙ زيادتين تي معذرت ڪريان ٿو ، هن چيو ته جيڪڏهن نيب جو آفيسر ڪنهن کي غيرقانوني هراسان ڪري ته انهي خلاف شڪايت داخل ڪرائي وڃي، نيب چيئرمين چيو ته سنڌ ۾ زمينن جي رڪارڊ جو ڪو سسٽم ناهي، جلد سنڌ ۾ زمينن جي رڪارڊ جي حوالي سان وڏو ايڪشن کنيو ويندو، ان حوالي سان نيب چيئرمين ڪراچي جي ڊي جي کي ڪراچي ماسٽر پلان جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي، هن چيو ته گوادر ۾ نيب جي ريجنل آفيس قائم ڪئي وئي آهي، اُتي به زمينن ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي، گوادر ۾ به لڳ ڀڳ 3 هزارارب رپين جي ماليت جي زمينن جا ڪيس داخل ٿيل آهن، گوادر انڊسٽريل ايريا ۾ گذريل 3 مهينن ۾ 3 فيڪٽريون لڳيون آهن، نيب ۾ ون ونڊو آپريشن شروع ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ريئل اسٽيٽ سيڪٽر لاءِ نئين پاليسي ٺاهي پئي وڃي، انهي سيڪٽر ۾ هر قسم جي ادائگي بينڪن ذريعي هجڻ گھرجي، انهي کان اڳ بلڊرن جي تنظيم آباد جي چيئرمين محمد حسن بخشي نيب چيئرمين اڳيان صوبائي ۽ مڪاني ادارن خلاف شڪايتون ڪيون، آباد چيئرمين چيو ته سنڌ ۾ زمينن جي نيلامي بابت ڪا پاليسي ناهي، من پسند ماڻهن کي زمينون وڪرو ڪيون وڃن ٿيون، هن چيو ته سنڌ ۾ لينڊ گرانٽ پاليسي آندي وڃي ، انهي سان سنڌ سرڪار کي 500 ارب رپين جي اوڳاڙي ٿيندي. آباد چيئرمين چيو ته ايل ڊي اي، ايم ڊي اي ۽ ڪي ڊي اي ۾ ڪرپشن جي بازار گرم آهي، ايل ڊي اي ۽ ايم ڊي اي جي ننڍين رهائشي اسڪيمن ۾ شهرين جي سيڙپ ڦاٿل آهي، آباد جي چيئرمين پاران گھُر ڪئي ته شهر ۾ غيرقانوني اڏاوتون ڪرائيندڙ ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، جڏهن ته زمينن جي خريد ۽ وڪري جي عمل کي نيب جي جاچ پڙتال سان مشروط ڪيو وڃي، هن چيو ته سنڌ جي زمينن جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ هجڻ گھرجي، جنهن سان ڪرپشن ختم ٿي سگھي ٿي، هن چيو ته ڪرپٽ ادارا وري پنهنجو رڪارڊ پاڻ ئي ڊجيٽلائيزڊ ڪن پيا، جيڪو ٿرڊ پارٽي کان ڊجيٽلائيزڊ ڪرايو وڃي.