ڪفايت شعاري:سنڌ جون 2837 مان 1524 سرڪاري گاڏيون گرائونڊ 

ڪفايت شعاري:سنڌ جون 2837 مان 1524 سرڪاري گاڏيون گرائونڊ 

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا جي سب ڪاميٽي جي ڪفايت شعاري واري فيصلي تحت مختلف سرڪاري کاتن جون 60 سيڪڙو سرڪاري گاڏيون گرائونڊ ڪيون ويون آهن، ان ڏس ۾ ڪابينا ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صوبي جي 47 کان وڌيڪ کاتن جي 2837 مان  1524 گاڏين کي گرائونڊ ڪيو ويو آهي، گرائونڊ ڪيل گاڏين ۾ صحت، ناڻو، تعليم، توانائي ۽ اينٽي ڪرپشن سميت ٻيا کاتا پڻ شامل آهن، هن چيو ته ڪجهه کاتن ۾ گرائونڊ ڪيل گاڏين جي شرح 65 سيڪڙو کان به وڌي وئي آهي، انٽر پراونشل ڪوآرڊينيشن (بين الصوبائي رابطا) کاتي جي سمورين گاڏين کي گرائونڊ ڪيو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته اهري قدم توانائي جي استعمال ۾ گهٽتائي آڻڻ، سرڪاري خرچن کي گهٽائڻ ۽ وسيلن جو اثرائتو استعمال يقيني بڻائڻ آهي، صوبائي حڪومت ملڪي مفاد ۾ ڪفايت شعاري پاليسي تي سختي سان عمل ڪري رهي آهي، هن چيو ته ڪفايت شعاري جي قدمن سان نه رڳو خرچن ۾ گهٽتائي ايندي پر سرڪاري وسيلن جو بهتر استعمال پڻ ممڪن ٿيندو، حڪومتي قدمن سان ٻارڻ ( فيول) جي مد ۾ ڪروڙين رپين جي بچت پڻ ٿيندي