ڪفايت شعاري جا بچيل 23 ارب  موٽر سائيڪل ۽ رڪشا هلائيندڙن کي سبسڊي طور ڏيڻ جو فيصلو

ڪفايت شعاري جا بچيل 23 ارب  موٽر سائيڪل ۽ رڪشا هلائيندڙن کي سبسڊي طور ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پاران ڪفائت شعاري پاليسي تحت بچندڙ 23 ارب رپين کي سبسڊي طور ڏيڻ جو فيصلو. حڪومتي اختيارين مطابق هي سبسڊي موٽر سائيڪل ۽ رڪشا رکندڙ ماڻهن کي فراهم ڪئي ويندي ۽ مستحق ماڻهن جي سڃاڻپ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊيٽا مطابق ڪئي ويندي. اوگرا ۽ پيٽروليم ڊويزن سبسڊي بابت ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڪفائت شعاري پاليسي تحت ٿيندڙ بچت کي سبسڊي طور عوام تائين منتقل ڪيو ويندو، جيئن ڪورونا دوران سبسڊي ڏني وئي هئي. پيٽروليم وزارت جي سيڪريٽري مطابق 30 ملين ٻه ويلر ۽ ٽي ويلر گاڏين وارن کي سبسڊي ڏني ويندي. سينيٽر هدايت الله چيو آهي ته 23 ارب رپيا ڪٿان ايندا ۽ ان لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن. اختيارين جواب ڏيندي چيو ته وزيراعظم جي هدايت موجب مختلف قدمن سان بچت ڪئي وئي آهي. ڪميٽي جي ميمبرن چيو ته 55 رپين جو فائدو ڪمپنين بدران سڌو عوام کي ڏنو وڃي.