ڪفايت شعاري جي ڀاشنن بجاءِ مريم نواز جهاز وڪڻي: حافظ نعيم    

  ڪفايت شعاري جي ڀاشنن بجاءِ مريم نواز جهاز وڪڻي: حافظ نعيم    

ٿرمل بجلي جي پيداوار اڌ رهجي وئي آهي، آءِ پي پيز کي ادائيگيون روڪيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي  حڪومت واقعي ڪفايت شعاري مهم هلائڻ چاهي ٿي ته مريم بي بي پنهنجو جهاز  ۽ سينيڙ چيئرمين پنهنجي گاڏي وڪرو ڪن، سعودي عرب ۽ ايران به هاڻي حالتن کي سمجهي چڪا آهن، ڪالهه  پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته ملڪ جي 3 وڏين سياسي جماعتن ايران تي حملي جي مذمت ناهي ڪئي. حڪمران الله تعاليٰ کان وڌيڪ ٽرمپ تي ڀروسو ڪن ٿا. هن تعليمي ادارن جي بندش جي مذمت ڪندي چيو ته تعليمي ادارا فوري طور کوليا وڃن. پيٽروليم شين تي لڳايل ليوي واپس ورتي وڃي.هن چيو ته  قوم کي ڪفايت شعاري جا درس ڏنا وڃن ٿا پر حڪمران پاڻ پنهنجون عياشيون گهٽ نٿا ڪن، هن چيو ته ٿرمل بجلي جي پيداوار اڌ رهجي وئي آهي، آءِ پي پيز کي ادائيگيون روڪيون وڃن. هن چيو ته بورڊ آف پيس ۾ پاڪستان جي رهڻ جو هاڻي ڪو به اخلاقي جواز ناهي هن چيو ته پاڪستان کي ضرور ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن مطالبو ڪيو ته پاڪ-سعوديه دفاعي معاهدي ۾ ترڪي ۽ ايران کي به شامل ڪيو وڃي. خليجي ملڪن کي آمريڪا کان اربين ڊالر واپس وٺڻ گهرجن.