| ڪلائيميٽ مارچ پڄاڻي تي پهتو: ٿرڪول ڪمپنيون ٿر ۾گدلاڻ جون ذميوار قرار |
مٺي(رپورٽر ) ٿر سٽيزن فورم پاران 6 ڏينهن اڳ ڪلوئي کان نڪتل ڪلائمينٽ مارچ مختلف شھرن مان ٿيندو مٺي پهچي پڄاڻي تي پهتو، ڪلائمينٽ مارچ ۾ شريڪ ٿر سٽيزن فورم جي اڳواڻن ڪلوئي۔ ڏيپلو۔ اسلام ڪوٽ۔ ننگرپارڪر ۔ ڇاڇرو ۽ مٺي ۾ موسمياتي تبديلين ۽ ٿر ڪول سميت مختلف منصوبن سبب متاثر ٿيندڙ ماحولياتي گدلاڻ ۽ نقصانن بابت آگاهي ڏني، مٺي جي ڪشمير چوڪ تي پهتل مارچ کي فورم سميت سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن اوڀايو جوڻيجو۔ ارباب عمران۔ مير محمد بليدي۔ ساجن چارو۔ عظمي ابڙينگ۔ قربان سميجو۔ ڪرشن شرما۔ ماما وشن ٿري ، اعجاز بجير۔ امتيازنور ۽ ٻين خطاب ڪيو، اڳواڻن پاران ٿر ڪول ڏانهن وڇايل ريلوي لائن واري علائقي ۾ مال چراگاهن۔ زرعي زمين ۽ وڻن کي وڍي تباه ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظھار ڪيو ويو، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار ٿر ڪول ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين سان گڏجي ٿر جي ماحوليات گدلاڻ ذريعي وڏي تباهي ڪئي آھي۔ ٿر ڪول جي ڪمپنين مقامي ماڻھن جي ذاتي زمين۔ وڻن ۽ چراگاهن کي تباه ڪري ٿر جي فطري حسن کي بگاڙي ڇڏيو آھي۔ هنن چيو ته ٿر ڪول منصوبن سان جيڪا ٿر جي تباهي ٿي رهي آھي ان ۾ مقامي چونڊيل نمائنده برابر جا شريڪ آھن۔ اسان موسمياتي ۽ ماحولياتي گدلاڻ سبب ٿيندڙ نقصانن کان عوام کي آگاه ڪرڻ لاء مارچ ڪلوئي کان شروع ڪيو جيڪو 6 ڏينهن بعد مٺي ۾ پڄاڻي تي پهتو۔ هوڏانهن مارچ ۾ شريڪ ماڻھن جو مٺي ۾ سول سوسائيٽي پاران شاندار استقبال ڪيو ويو