| ڪلاسيڪل راڳي امام ڏنو مڱڻهار بستري داخل |
سڪرنڊ(رپورٽ: نياز چانڊيو) سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ هاشم ڪيريو جو رهواسي ڪلاسيڪل راڳي فقير امام ڏنو مڱڻهار گردن جي عارضي سبب بيماري جي بستري تي پيل داخل آهي، راڳي فقير امام ڏنو عرف امام بخش مڱڻهار ٻڌايو ته پرائيويٽ طور تي آپريشن ڪرائي هڪ گردو ڪڍرائي چڪو آهيان، هاڻ ٻئي گردي ۾ تڪليف ٿي رهي آهي هن ثقافت کاتي کي اپيل ڪئي ته سندس سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي