ڪلري بگھار فيڊر ۾ پاڻي ڇوڙ: پيئڻ لاءِ استعمال نه ڪرڻ جي هدايت

ڪلري بگھار فيڊر ۾ پاڻي ڇوڙ: پيئڻ لاءِ استعمال نه ڪرڻ جي هدايت

حيدرآباد (بيورو رپورٽ ) چيف انجنيئر آبپاشي ڪوٽڙي بيراج حيدرآباد  پنهنجي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن  ۾ عوام جي سڌ لاءِ ڄاڻايو آهي ته لائننگ جي منصوبي تي ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪلري بگهار فيڊر (اپرريچ) کي 3 فيبروري 2026 تي رات جو کوليو ويو آهي، ڪلري بگهار فيڊر ڊگهي عرصي کان بند رهڻ سبب شروعاتي مرحلي ۾ ڪينال جي پاڻي ۾ متان مٽي ، تلچٽ يا ٻئي گدلاڻ شامل ٿي وئي هجي تنهنڪري شروعاتي ڏهاڙن ۾ ڪينال جي پاڻي کي پيئڻ لاءِ استعمال ۾ نه آندو وڃي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب لاڳاپيل ضلعن جي ضلعي انتظاميا، مڪاني ادارن ۽ صحت کاتي جي عملدارن کي واضح هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي ان حوالي سان  عوام ۾ جاڳرتا اجاگر ڪن ۽ کين احتياطي تدبيرون اختيار ڪرائين جڏهن ته ڪنهن به امڪاني صحت جي خطري کان عوام کي محفوظ رکڻ لاءِ بروقت قدم کڻڻ کي پڻ يقيني بڻائين ۽ پاڻي جي معيار جي بهتر ٿيڻ تائين ڪينال جو پاڻي ڪتب آڻڻ کان پاسو ڪيو وڃي.