جنگي حالتن ۾ پروپيگنڊا، نفسياتي جنگ، ۽ انفرميشن اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. وچ اوڀر هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙي جنگي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، جتي ميزائل صرف فوجي ٺڪاڻن تي نه، پر سياسي بيانن تي به ڪِرن ٿا. اسرائيل هلندڙ جنگ ۾ اهڙن ڪلسٽر بمن سان ايران ۽ لبنان تي حملا شروع ڪيا آهن. جڏهن ته پروپئگنڊا جنگ جي هٿيار ۾ اهي الزام وري ايران تي لڳايا پيا وڃن. اصل ۾ اهي ڪلسٽر بم جيڪي هوا ۾ ڦاٽي وڏي ايراضيءَ ۾ بارودي ٽڪرا پکڙين ٿا. تنقيد ڪندڙ چون ٿا ته اهڙا هٿيار درستگي لاءِ نه، پر تباهيءَ جي دائري کي وڌائڻ لاءِ ٺاهيا ويندا آهن ۽ جيڪڏهن اهي شهري علائقن ۾ استعمال ٿين ته نتيجو رڳو فوجي نقصان نه، پر انساني الميو به هوندو آهي. اسرائيل اهڙا ڪلسٽر گذريل ٻن سالن کان فلسطين ۾ استعمال ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ 70 هزار ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن ايترو ئي نه پر اسرائيل گذريل سال به حزب الله خلاف ويڙهه ۾ لبنان جي شهري آبادي تي استعمال ڪيا آهن.
ڪلسٽر ميوٽيشن عالمي سطح تي تڪراري هٿيارن ۾ ڳڻيا ويندا آهن. ڪيترن ملڪن انهن تي پابنديءَ جي معاهدي تي صحيون ڪيون آهن، ڇاڪاڻ تہ انهن جا اڻ ڦاٽل ٽڪرا سالن تائين بيگناهه ماڻهن لاءِ موت جو ڄار بڻجي سگهن ٿا. سوال اهو ناهي ته اهي هٿيار موجود آهن يا نه؛ سوال اهو آهي ته انهن جو استعمال ڪٿي ۽ ڪيئن ٿي رهيو آهي؟ ڇا واقعي شهري علائقن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، يا فوجي هدفن جي دعويٰ هيٺ هڪ وسيع جنگي حڪمت عملي هلي رهي آهي؟ بين الاقوامي انساني قانون صاف چوي ٿو ته فوجي ۽ شهري هدفن ۾ فرق رکڻ لازمي آهي. جيڪڏهن ڪو حملو اهڙو هجي، جنهن ۾ شهري نقصان فوجي فائدي کان وڌيڪ هجي، ته اهو “غير متناسب” قرار ڏنو وڃي ٿو. تنهنڪري بحث جو مرڪز هاڻي هٿيار نه، پر نيت، حڪمت عملي ۽ نتيجن تي آهي.
بمن جا اثر صرف موجود ماڻهن تائين محدود نه هوندا آهن، پر اهي ايندڙ نسلن ۾ منتقل ٿيندا آهن، بم باري واري علائقي ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار ذهني طور ڪمزور يا جسماني طور معذور (مثال طور هٿ پير غائب هجڻ) پيدا ٿي سگهن ٿا. شعاعن جي ڪري مردن ۽ عورتن ۾ ٻار پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ختم ٿي ويندي آهي. خطرناڪ بمن جا اثر صرف جسماني نه پر ذهني به هوندا آهن. PTSD (پوسٽ ٽراميٽڪ اسٽريس ڊس آرڊر): ڌماڪي جو خوف، پنهنجن کي وڃائڻ جو صدمو مريض کي دائمي ذهني مريض بڻائي ڇڏيندو آهي. ڪيميائي بمن جي حملن سان چمڙي جي سڙڻ، انڌائپ، اعصابي فالج ۽ بايولاجيڪل بم حملن ۾ ماڻهن ۾ سخت انفيڪشين پيدا ٿيندو آهي. جاپان جي شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي ۾ ايٽمي حملي جا اثر اڄ به ڪن خاندانن جي جينياتي صحت تي نظر اچن ٿا.
ڪلسٽر (Cluster) ۽ وائيٽ فاسفورس (White Phosphorus) بم جنگي تاريخ جا سڀ کان خطرناڪ هٿيار آهن، ڇاڪاڻ ته اهي نه صرف فوري تباهي آڻين ٿا پر انهن جا اثر ڏهاڪن تائين ماحول ۽ انساني صحت تي رهن ٿا. وائيٽ فاسفورس هڪ اهڙو ڪيميائي مادو آهي، جيڪو هوا جي رابطي ۾ ايندي ئي ٻرڻ شروع ڪري ٿو ۽ تيسين نٿو وسامي جيسين آڪسيجن ختم نه ٿئي. هي مادو چمڙي کي ساڙي سڌو هڏن تائين پهچي وڃي ٿو. ان جا زخم عام باهه کان وڌيڪ خطرناڪ هوندا آهن، ڇو ته هي جسم جي اندر به ٻرندو رهندو آهي. جيڪڏهن فاسفورس جسم ۾ جذب ٿي وڃي ته اهو گردن (Kidneys)، جگر (Liver) ۽ دل کي سخت نقصان پهچائي ٿو، جنهن سان مريض جو موت ٿي سگهي ٿو. ان مان نڪرندڙ اڇو دوننهون ساهه ذريعي اندر وڃي ڦڦڙن کي سخت نقصان پهچائي ٿو، جنهن کي Pulmonary Edema چيو ويندو آهي.جيڪڏهن ڪو ماڻهو ان جي اثر ۾ گهڻو وقت رهي ته هن جي ڄاڙيء جي هڏي ڳرڻ شروع ٿي ويندي آهي.
ڪلسٽر بم هڪ وڏو بم هوندو آهي، جنهن مان سوين ننڍا بم (Sub-munitions) نڪرندا آهن. ان جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته ڪيترائي ننڍا بم ڌماڪي وقت ناهن ڦاٽندا. اهي اڻ ڦاٽل بم زمين تي پيل هوندا آهن ۽ سالن پڄاڻان جڏهن ڪو ٻار يا کيتي ڪندڙ هاري انهن کي ڇهي ٿو ته اهي ڦاٽي پون ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ هٿ، پير ڪٽجي وڃڻ يا انڌائپ عام آهي. ڪلسٽر بم جو وسڪارو ايترو تيز هوندو آهي جو بچي ويندڙ ماڻهو سڄي عمر خوف ۽ ذهني دٻاءُ جو شڪار رهن ٿا. انهن بمن مان نڪرندڙ ڌاتو (Metals) زمين ۽ پاڻي ۾ ملي بيماريون پيدا ڪن ٿا. اهڙن بمن جي استعمال تي عالمي سطح تي بندش آهي ۽ دنيا جي سمورن ملڪن ان تي صحيون ڪيون آهن پر اسرائيل ۽ ايران ان چارٽر تي صحيون ناهن ڪيون.
خطرناڪ بمن (ايٽمي يا ڪيميائي هٿيارن) جو ڌماڪو نه صرف فوري طور تي جاني نقصان پهچائي ٿو، پر ان مان نڪرندڙ شعاعون (Radiation) ۽ زهر ڪيئي نسلن تائين خطرناڪ بيماريون پيدا ڪن ٿا.جڏهن ايٽمي بم ڦاٽندو آهي، ته ان مان اهڙيون شعاعون نڪرنديون آهن، جيڪي انسان جي جينياتي بناوت (DNA) کي تباهه ڪري ڇڏينديون آهن. ايڪيوٽ ريڊيشن سنڊروم (ARS) هي فوري طور ٿيندڙ بيماري آهي جنهن ۾ مريض کي سخت لوز موشن، الٽيون، ۽ مٿي ۾ سور ٿئي ٿو. شعاعون هڏن جي اندر رت ٺاهيندڙ سيلز کي ختم ڪري ڇڏينديون آهن، جنهن سان جسم ۾رت جي شديد کوٽ پيدا ٿيندي آهي. ڌماڪي کان بچي ويندڙ ماڻهن ۾ سالن کانپوءِ به ڪينسر جا مختلف قسم ظاهر ٿيندا آهن. ان ۾ رت جي ڪينسر ۾ شعاعن جو اثر سڀ کان پهرين ٿيندو آهي. ٿائرائيڊ ڪينسر فضا ۾ موجود آيوڊين جا ريڊيو ايڪٽو ذرا گلي جي غدودن ۾ جمع ٿي ڪينسر پيدا ڪن ٿا. ڦڦڙن ۽ چمڙي جو ڪينسر، زهريلي گيسن ۽ مٽي جي ڪري اهي بيماريون عام ٿي وينديون آهن.
اهڙن خطرناڪ هٿيارن جي اثرن کان بچڻ لاءِ طبي امداد جا طريقا انتهائي مخصوص هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته عام باهه يا زخمن وارا طريقا هتي ڪم نه ڪندا آهن. فاسفورس جي باهه کي وسائڻ جو واحد طريقو ان کي آڪسيجن کان پري ڪرڻ آهي. متاثر حصي کي فوري طور تي پاڻي ۾ ٻوڙي ڇڏيو يا مٿس تمام گهڻو پاڻي وجھو ته جيئن فاسفورس کي هوا نه لڳي. جيڪڏهن ممڪن هجي ته نمڪين پاڻي (Saline) ۾ ڀڳل ڪپڙو زخم تي رکجي. فاسفورس جا ذرا چمڙي جي اندر ٻرندا رهندا آهن. انهن کي سڌو هٿ سان نه، پر ڪنهن چمٽي (Tweezers) يا اوزار سان احتياط سان ٻاهر ڪڍڻ گهرجي. زخم کي اهڙي نموني ڍڪيو جو هوا جو گذر نه ٿئي، ٻي صورت ۾ باهه ٻيهر ٻري پوندي.
ڪلسٽر بم جي صورت ۾ طبي امداد کان وڌيڪ احتياط ضروري آهي. ڪلسٽر بم جي ڌماڪي سان هٿ يا پير ڪٽجي وڃڻ جو خطرو هوندو آهي. اهڙي صورت ۾ زخم جي مٿان مضبوط پٽي ٻڌي رت جي وهڪري کي روڪڻ گهرجي ته جيئن مريض صدمي (Shock) ۾ نه وڃي. جسم جي اندر رهجي ويل بمن جا ننڍا ٽڪرا (Shrapnel) زهر پيدا ڪري سگهن ٿا، جن کي صرف ماهر سرجن ئي ڪڍي سگهن ٿا. بارودي مواد جي زخمن کانپوءِ انفيڪشن کان بچڻ لاءِ ٽيٽنس جي انجڪشن لڳائڻ لازمي آهي. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته فاسفورس ۾ تيل يا ڪريم نه لڳايو ۽ ان کي هٿ سان کڻڻ کان پاسو ڪيو. وائيٽ فاسفورس جو دوننهون به اوترو ئي خطرناڪ آهي، جيترو ان جي باهه. ان ڪري، جيڪڏهن ڪنهن علائقي ۾ اڇو دوننهون پکڙيل هجي ته اتان ماڻهن کي فوري طور تي ٻاهر ڪڍڻ گهرجي، ڇو ته اهو ڦڦڙن کي ساڙي سگهي ٿو.
جنگ جڏهن ٽيڪنالاجيءَ جي بلندين تي پهچي ٿي، تڏهن به ان جا ٽڪرا آخرڪار انسانن جي جسمن ۽ گهرن تي ئي ڪرن ٿا. سوال اهو ناهي ته ڪلسٽر ميزائل ڪنهن ٺاهيو يا ڪنهن وٽ آهن، سوال اهو آهي ته ڇا انسانيت اڃا به جنگي حڪمت عملين کان مٿانهون قدر رکي ٿي يا نه؟ جيڪڏهن جنگ جو ميدان شهري آباديءَ جي ڇتين مٿان منتقل ٿي وڃي، ته پوءِ فتح ۽ شڪست جا انگ اکر بي معنيٰ ٿي وڃن ٿا، ڇو ته حقيقي هار هميشه انسانيت جي ٿيندي آهي. تاريخ شاهدي ڏئي ٿي ته جنگيون ختم ٿينديون آهن، پر انهن جا بارودي ٽڪرا نسلن تائين زخمن جي صورت ۾ رهندا آهن. جيڪڏهن رياستون پنهنجي حڪمت عملين ۾ شهري جانين کي “ضمني نقصان” سمجهڻ لڳن، ته پوءِ بين الاقوامي قانون رڳو ڪاغذن تائين محدود ٿي ويندو. ۽ جڏهن قانون خاموش ٿئي ٿو، تڏهن انسانيت ئي سڀ کان وڏي شهيد بڻجي ٿي.