ڪلهوڙا ڌر جون عورتون علي گوهر مهر واپس ڪرايون، مهر ڌر جي ناري معظم عباسي وٽ سام، هاڻ ڪهڙو فيصلو ٿيندو؟

جُولاءِ 22, 2023

پنوعاقل (رپورٽ: برڪت جهنڊير ) پنوعاقل ۾ پسند پرڻي لاءِ نڪتل ناري جي پلاند ۾ اغوا ڪيل ٻه عورتون آزاد ٿي ويون آهن، پر عورتن کي ڪنهن آزاد ڪرايو ۽ پسند پرڻي لاءِ ويل ناري امام زادي مهر ڪٿي آهي؟ ان حوالي سان مختلف ڳالهيون گردش ڪري رهيون آهن

ذريعن موجب ڪلهوڙا ڌر جون اغوا ڪيل ٻه عورتون ۽ هڪ ٻارڙي سردار علي گوهر مهر جي راڄوڻي بعد آزاد ٿيون آهن، ذريعن موجب سردار علي گوهر جي حڪم بعد رضا ڳوٺ جي ڪچي ۾ عورتون ۽ ٻارڙي سردار علي گوهر مهر جي منشي حوالي ڪيون ويون

ذريعن موجب سردار جي منشي پاڻ تصويرون ڪڍي جاري به ڪري ڇڏيون، جنهن ۾ پرائيوٽ نمبر جي پرائيوٽ گاڏي به واضح طور نظر اچي رهي آهي، جنهن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته اها گاڏي به منشي جي آهي

ذريعن موجب پوليس جيڪڏهن عورتون بازياب ڪرائي ها ته فوٽو پاڻ ڇو نه جاري ڪيا؟ عورتن جي راڄوڻي ذريعي واپسي کانپوءِ پوليس ڏيڍ  ڪلاڪ بعد مبينا مقابلي جي پڌرائي جاري ڪري ڇڏي آهي ۽ ڏيڍ ڪلاڪن بعد ٽائيم نيوز جي خبرن کانپوءِ عورتن سان گڏ پڪي واري بند تي وڊيو جاري ڪندي دعويٰ ڪئي وئي آهي ته عورتن کي نينگري سميت مقابلي ۾ آزاد ڪرايو ويو آهي

ذريعن موجب علي گوهر مهر ۽ معظم عباسي پاران راڄوڻي جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن،

پنوعاقل مان پسند جي پرڻي لاءِ نڪتل ناري امام زادي مهر کي سام طور ايم پي اي معظم عباسي حوالي ڪرڻ جا اطلاع، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪلهوڙا برادري پاران امام زادي مهر کي سام طور معظم عباسي جي حوالي ڪيو ويو

مهر برادري پاران به ڪلهوڙن جون پلاند ۾ اغوا ڪيل عورتون اڄ پوليس حوالي ڪيون ويون آهن، ذريعن موجب سردار علي گوهر خان معرفت راڄوڻي عيوض بازياب ٿيل عورتون مسڪان، امام خاتون پوليس حوالي ڪيون ويون، علي گوهر مهر جو منشي عورتن ۽ ٻارڙي کي ڪچي مان کڻائي پڪي مجنون واري دم دمي وٽ ايس ايس پي حوالي ڪيو

ذريعن موجب مهرن کي پنهنجي ڇوڪري امام زادي به جلد واپس ڪئي ويندي، ذريعن موجب امام زادي مهر بابت ساڳيو چڱو مڙس فيصلو ڪندو، پوءِ طئي ٿيندو ته ڇوڪري واپس ڪجي يا نڪاح ثابت ٿيڻ تي ان جي عيوضي ۾ مهرن کي سڱ ڀري ڏجي

مقتولن جي وارثن جو چوڻ آهي ته مهرن واري ڇوڪري وسيم کڻي ويو آهي،چڱي مڙس وٽ آهي يا ڪٿي آهي اسان کي خبر ناهي

هوڏانهن ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ ڪلهوڙا ڌر جي عورتن کي پوليس مقابلي کانپوءِ آزاد ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

جڏهن ته معظم عباسي ناري سام هجڻ جي ترديد ڪئي آهي

Leave A Comment