ڪلو کوهر ۾ نوجوان پراسرار نموني فوت، جسم تي رت جا نشان

ڪلو کوهر ۾ نوجوان پراسرار نموني فوت، جسم تي رت جا نشان

نوري آباد (ن پ ا) نوري آباد ويجهو ڪلو کوهر شهر ۾ نوجوان حبيب الله ولد گل محمد پالاري پراسرار نموني فوت ٿي ويو، علائقي ۾ مختلف افواهه هلندا رهيا،  فوتي جو مڙھ ضروري ڪارروائي لاءِ تعلقي اسپتال ٿاڻو بولاخان منتقل ڪيو، ڊاڪٽرن پاران ڪيل پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ ۾ ظاهر ٿيو ته فوتي حبيب الله پالاري جي جسم تي ڪنهن به قسم جي ظاهري تشدد جو نشان موجود ناهي. رپورٽ موجب رت سندس پيٽ ۽ وات مان نڪرڻ جو ذڪر ڪيو ويو. ڊاڪٽرن موجب وڌيڪ جاچ لاءِ ضروري جزا ورتا ويا آهن، جن جي ليبارٽري رپورٽ اچڻ کان پوءِ ئي موت جي حتمي سبب بابت تصديق ٿي سگهندي.هوڏانهن، فوتي نوجوان جي جسم تي رت جا واضح نشان موجود هئا، جڏهن ته سندس ڪپڙا ۽ بسترو به رت سان ڀريل هئا، جنهن سبب وارثن ۽ علائقي واسين ۾ خدشا وڌي ويا آهن. شهر جي ماڻهن مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪئي وڃي ته جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن.