ڪلپنا ديوي ۽ فرحت ڪمال پبلڪ سروس ڪميشن جا ميمبر مقرر

آگسٽ 16, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار نامياري قانوندان ڪلپنا ديوي ۽  واپڊا جي اڳوڻي جنرل مينيجر فرحت ڪمال کي پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، اهڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آھي

ڪي ڊي اي  جي ڊي جي طور مقرر ٿيل ناصر عباس سومرو کي چارج وٺڻ شرط بدلي ڪيو ويو، سندس جاءِ تي پرويز بلوچ کي ڪي ڊي اي جو نئون ڊي جي مقرر ڪيو ويو، اها جاءِ سيد محمد علي شاهه کي هتائڻ سبب خالي ٿي هئي

 ھوڏانھن  نوروز خان عباسي کي ضمير عباسي جي جاءِ تي سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ جو سيڪريٽري  مقرر ڪيو ويو آهي

ٻئي طرف  سنڌ صحت کاتي پاران گريڊ ھڪ کان 19 ھين تائين مقررين ۽ بدلين تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آھي

Leave A Comment