| ڪلچرل ڊي پرامن رهيو، ايم ڪيو ايم لسانيت پئي ڪري: سنڌ سرڪار |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد جاري ڪيل ڀيان ۾ چيو آهي ته انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي به ايم ڪيو ايم لسانيت کان نه مڙي. ايم ڪيو ايم جو اصل مسئلو صبح 11 وڳي واري پريس ڪانفرنس جو سلاٽ آهي، بغير ايشو جي به ميڊيا تي اچڻ چاهن ٿا۔سنڌي ڪلچرل ڊي مڪمل طور پر پرامن رهيو، حالتون مڪمل ڪنٽرول ۾ هيون. سنڌ حڪومت امن امان لاءِ بروقت قدم کنيا؛ قانون ٽوڙيندڙن کي روڪيو ۽ شرپسندن کي گرفتار ڪيو سننڌ پوليس ۽ حڪومت شرپسندن خلاف فوري ايڪشن ورتو ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي۔امن و امان جي صورتحال سنڌ حڪومت بهتر طريقي سان سنڀالي رهي آهي۔ايف آئي آر کان پوءِ معاملو عدالت ۾ ويندو آهي، جتي قانون مطابق ڪارروائي ٿئي ٿي۔ ھن چيو ته چند شرپسندن جي ڪري سڄي ڪميونٽي کي ذميوار نه نٿو بڻائي سگهجي۔ڪراچي ۽ سڄي سنڌ ۾ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ وٺڻ جي اجازت نه آهي؛ ڀڃڪڙي ڪندڙ خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي۔ عدالت طرفان رهائي جو فيصلو فاضل عدالت جو اختيار آهي، سنڌ حڪومت جو ڪوبه لاڳاپو ناهي۔ ايم ڪيو ايم شايد 12 مئي جا واقعا ڀُلي ويٺي آهي، سڀ حقيقتون سامهون آهن، علي خورشيدي جي زبان اپوزيشن ليڊر جي نه پر يونٽ ورڪر جي لڳي ٿي۔”سڀ کان پهرين پاڪستان” — هن نعرِي جي سڀ کان وڏي وڪيل پاڪستان پيپلز پارٽي آهي، جيڪا پنهنجي قربانين باوجود هن مؤقف تي قائم آهي۔