ڪمري ۾ واڙيل آهيان، ڪنهن سان ڳالهائڻ ۽ ملاقات ناهي ٿي رهي، ذهني ٽارچر ڪيو پيو وڃي، ذميوار هڪ شخص آهي: عمران

ڪمري ۾ واڙيل آهيان، ڪنهن سان ڳالهائڻ ۽ ملاقات ناهي ٿي رهي، ذهني ٽارچر ڪيو پيو وڃي، ذميوار هڪ شخص آهي: عمران

اسلام آباد/راولپنڊي/صوابي(بيورو رپورٽ/م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي صحت بابت سمورا افواهه دم ٽوڙي ويا، پي ٽي آءِ باني جي ٻن ڀينرن عليمه خان ۽ نورين نيازي کي ڀاءُ سان ملڻ جي اجازت نه ملي، جڏهن ته اڊيالا جيل انتظاميا رڳو عظميٰ خان کي باني سان ملاقات جي اجازت ڏني، ملاقات بعد اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عظميٰ خان چيو ته باني مڪمل صحتمند آهي، اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان سان سندس ڀيڻ عظميٰ خان جي 29 ڏينهن کانپوءِ ملاقات ٿي، عمران خان سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي عظميٰ خان چيو ته عمران خان مڪمل طور صحتياب آهي، باني چيو ته اهي نه ڪنهن سان ڳالهائڻ ڏيندا آهن ۽ نه ملاقات ڪرائيندا آهن، مون تي ذهني ٽارچر ڪري رهيا آهن، ان جو ذميوار هڪ شخص آهي.
هن چيو ته عمران خان وڏي ڪاوڙ ۾ هو، کيس سڄو ڏينهن ڪمري ۾ بند رکيو ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻاهر نڪرندو آهي، عمران خان جي ڀيڻ نورين خان الزام لڳائيندي چيو ته حڪومتي عملدارن کي ان ڳالهه جي پريشاني هوندي آهي ته ملاقات ڪري عمران جون ڳالهيون ٻاهر ٻڌايون وڃن ٿيون، جنهن ڪري انهن ملاقاتون ختم ڪيون آهن. پاڪستاني حڪومت ۽ اسٽبلشمينٽ عمران خان کان 9 مئي جي ذميواري قبول ڪرائڻ چاهين ٿا، هي چاهين ٿا ته عمران انهن کان معافي وٺي ته 9 مئي آئون ڪرايو پر عمران خان کين اهو ئي جواب ڏنو ته توهان سي سي ٽي وي فوٽيج ڪڍو، ڪينٽ جي اندر ناڪا لڳل  آهن ڪير به هتي نٿو گهڙي سگهي، ٻئي طرف پي ٽي آءِ قيادت پاران پابندي باوجود اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ اڊيالا جيل ٻاهران احتجاج نوٽ ڪرايو ويو، پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر جي قيادت ۾ پارليامينٽ ميمبرن احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا پارليامينٽ هائوس کان ٿيندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي پڄاڻي تي پهتي، احتجاج ڪندڙن عمران خان سان ملاقات نه ڪرائڻ تي حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي  وئي، بيرسٽر گوهر چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو ته وڪيلن ، باني جي خاندان ۽ وڏي وزير سهيل آفريدي کي باني پي ٽي آءِ سان ملاقات جي اجازت ڏني  وڃي. هوڏانهن صوابي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن صوابي انٽرچينج ويجهو ريسٽ ايريا وٽ احتجاج ڪيو، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ٽائر ۽ ڪاٺيون ساڙي موٽروي جي ٻنهي طرفن کي ٽريفڪ لاءِ مڪمل طور بند ڪيو ويو جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون، مسافر مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويا، هوڏانهن نوشهره ۽ چارسده مان به روانو ٿيندڙ پي ٽي آءِ جو قافلو صوابي انٽرچينج پهتو.