ڪمشمور جو ايس پي 6 مغوي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام، ٻيهر ورتل مهلت به ختم

جُولاءِ 6, 2023

بخشاپور (رپورٽر) ڪشمور جي ايس ايس پي پاران ٻيو ڀيرو ورتل مهلت ختم، بخشاپور مان اغوا ٿيل 6 ڄڻا بازياب نه ٿي سگهيا، وارثن راڄوڻيون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن

بخشاپور مان اغوا ٿيل ٻالڪ جئديپ ڪمار،مکي جگديش ڪمار،موتي لال،نند لال، ايف سي اهلڪار خالد خان پٺاڻ،حيدر علي کوسو سميت 6 مغوين کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي

هي به پڙهندا

مغوين جي گهرن ۾ پريشاني واري صورتحال آهي جڏهن ته ايس ايس پي پاران مغوين جي وارثن کان ٻيون ڀيرو ورتل مهلت به ختم ٿي وئي آهي پر مغوي بازياب ناهن ٿي سگهيا

مغوين جي وارثن پوليس کان مايوس ٿي راڄوڻي ڪوششون جاري ڪري ڇڏيون، ايس ايس پي ڪشمور پاران مختلف ضلعن کان گهرايل ڊي ايس پي، ايس ايڇ او ۽ ٻيا اهلڪار به ٻوٽو ناهن ٻاري سگهيا

بخشاپور جي ڪچي ۾ قيد مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن نه ٿي سگهيو، بخشاپور پوليس روڊ رستن ۽ انڊس هاءِ وي تان غائب ٿي وئي آهي، پوليس پڪٽون به ويران پيل آهن

بخشاپور مغوي مکي جگديش ڪمار جي پُٽ روي ڪمار جو چوڻ آهي ته پوليس گذريل پندرهن ڏينهن کان دلاسن کان سواءِ ڪجهه ناهي ڏنو،پنهنجي والد جون واٽون نهاري رهيا آهيون،مندر ۾ پراٿنائون به ڪري رهيا آهيون

مغوي پورهيت نند لال ۽ موتي لال جي وارثن جو چوڻ آهي ته هڪ مهيني کان ٻئي مغوي ڌاڙيلن وٽ باندي بڻيل آهن، پوليس هن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو،

هنن چيو ته گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي ڪمائڻ وارا ٻئي ڄڻا ڌاڙيلن وٽ قيد هجڻ ڪري گهر ۾ فاقاڪشي واري صورتحال ڇانيل آهي بکون ڪاٽي رهيا آهيون، هنن چيو ته ڀنگ ڀرڻ جيتري سگھه ڪونهي جو ڌاڙيلن کي ڏئي مغوين کي بازياب ڪرايون

Leave A Comment