ڪمند جو امدادي اگهه مقررڪرڻ حڪومت جو صوابديدي اختيار قرار: آبادگارن جون پٽيشنون رد 

ڪمند جو امدادي اگهه مقررڪرڻ حڪومت جو صوابديدي اختيار قرار: آبادگارن جون پٽيشنون رد 

ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪمند جو امدادي اگهه مقرر ڪرڻ حڪومت جو صوابديدي اختيار قرار ڏيندي آبادگارن جون ڪمند جي امدادي قيمت ۽ ڪرشنگ سيزن (ملون هلائڻ) بابت درخواستون رد ڪري ڇڏيون, عدالت چيو ته درخواستگذار پنهنجو موقف ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن, انهي کان اڳ درخواستگذارن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته حڪومت ڪرشنگ سيزن شروع ٿيڻ کان اڳ ڪمند جو امدادي اگهه ۽ ڪوالٽي پريميم مقرر ناهي ڪيو، جڏهن ته شگر فيڪٽريز ڪنٽرول ايڪٽ تحت امدادي اگهه مقرر ڪرڻ لازمي آهي، موٽ ۾ سرڪاري وڪيل چيو ته حڪومتي پاليسي ۽ معاشي معاملن ۾ عدالت مداخلت نٿي ڪري سگهي، آبادگارن جي وڪيل عدالت کي آگاھ ڪيو ته قانون موجب هر سال پهرين آڪٽوبر کان ڪرشنگ سيزن شروع ٿيڻ گهرجي، سرڪاري وڪيل چيو ته حڪومت وٽ ڪمند جي گهٽ ۾گهٽ امدادي اگهه مقرر ڪرڻ جو صوابديدي اختيار موجود آهي، آبادگارن جي وڪيل وڌيڪ چيو ته موجوده معاشي حالتن ۽ عالمي مالياتي معاهدن سبب حڪومت ڪمند جو امدادي اگهه مقرر ناهي ڪيو، ٻڌڻي دوران ڪين ڪمشنر عدالت کي ٻڌايو ته قانون موجب ڪمند جي ڪرشنگ سيزن جي پڄاڻي بعد ڪوالٽي پريميم جي ادائگي کي يقيني بڻايو ويندو .