خبریں آپ کے لئے!

چاہتے ہیں جدید معلومات؟

ہمارا مقصد آپ کو تازہ ترین خبریں اور معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ کو اہم موضوعات پر جامع تجزیات اور بصیرت ملیں گے۔ آئے، اور اپنی معلومات کو بڑھائیں، ہم ہمیشہ آپ کی خدمت میں ہیں۔

مضامین کی فہرست

ہمارا مقصد آپ کو diverse موضوعات پر قیمتی معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ مختلف اہم موضوعات پر لکھے گئے مضامین کو تلاش کر سکتے ہیں، جو کہ آپ کی معلومات میں اضافہ کریں گے۔

اہم موضوعات

یہاں آپ کو اہم خبروں اور تجزیوں کا مجموعہ ملے گا، جو آپ کی روزمرہ کی زندگی اور معلوماتی ضروریات کے لئے مفید ہوگا۔ ہماری تمام تحریریں سادہ اور آسان زبان میں پیش کی گئی ہیں۔

ہماری تازہ ترین معلومات کے لئے سبسکرائب کریں

ہماری ویب سائٹ پر آپ کو تازہ ترین خبریں اور دلچسپ مضامین ملیں گے۔ ہمیں یقین ہے کہ آپ کو ہماری معلومات فائدہ مند لگیں گی۔ اس لئے، براہ کرم سبسکرائب کریں تاکہ آپ ہماری تازہ ترین اپ ڈیٹس سے باخبر رہ سکیں۔

ہمارے قارئین

عمومی سوالات

آپ کے عمومی سوالات کے جوابات یہاں موجود ہیں۔
کیا میں ویب سائٹ پر مواد شائع کرسکتا ہوں؟

ہماری ویب سائٹ پر موجود معلومات آپ کے علم میں اضافہ کرنے کے لئے اہم ہیں۔ ہم ہر سوال کا جواب دینے کی کوشش کر رہے ہیں۔ اگر آپ کو مزید مدد کی ضرورت ہو تو بلا جھجھک ہم سے رابطہ کریں۔

سوالات کے جواب آپ کی رہنمائی کے لئے مختص ہیں۔ ہماری کوشش ہے کہ آپ کو جلدی اور صحیح جواب فراہم کریں تاکہ آپ کے خدشات دور ہو سکیں۔

ہمارا ہدف اپنے قارئین کو معلومات فراہم کرنا اور ان کی تشفی کرنا ہے۔ اگر کوئی سوال یا تجویز ہو تو آپ ہمیں بتا سکتے ہیں۔

ہمیں امید ہے کہ آپ کو یہاں دستیاب معلومات مفید لگیں گی۔ آپ کی رائے اہم ہے اور ہم اسے خوش دلی سے قبول کریں گے۔

اگر آپ کو مزید وضاحت یا معلومات چاہیے تو ہمارے مضامین کو دیکھیں۔ ہم مفید اور واضح معلومات فراہم کرنے کا عزم رکھتے ہیں۔

آپ کی خبریں کہاں سے لیکر آتی ہیں؟

ہماری ویب سائٹ پر آپ کے سوالات کے جوابات دینے کے لئے ایک پریس سیکشن بھی ہے جہاں آپ اپنے سوالات پیش کرسکتے ہیں۔

اگر آپ کو مزید سوالات ہیں تو آپ ہمارے روابط سے ہم سے رابطہ کرسکتے ہیں۔ ہم آپ کی خدمت میں ہازر ہیں۔

ہماری معلومات ہمیشہ موجود رہیں گی۔ برائے مہربانی بار بار وزٹ کریں اور نئے سوالات بھیجیں!

ہم آپ کے سوالات کا خیر مقدم کرتے ہیں۔ آپ کی تشویشات اور مشورے ہماری رہنمائی کریں گے۔

مزید معلومات اور سوالات کے لئے ہمیشہ ہماری مدد لائین تک رسائی حاصل کریں۔ ہم آپ کی مدد کے لئے حاضر ہیں۔

ڪمند جو اگهه ۽ پيڙائي: ‘پاسما سرڪار’ اڳيان مجبور سند حڪومت

سنڌ جو شگرڪين بيلٽ مستقل طور تي مسئلن جو شڪار بڻيل آهي. هر سيزن ۾ تڪرار ڪمند جي اگهه تان شروع ٿيندو آهي ۽ وقت تي پيڙائي نه ٿيڻ ۽ آبادگارن جي احتجاجن تي وڃي دنگ ڪندو آهي. سنڌ حڪومت پاسما جي اڳيان سيس نوائي ڇڏيندي آهي، جنھن جو ھڪ سبب شگر ملن جي مالڪن جي گھڻائي جي رسائي اقتداري ايوانن تائين آهي، جنھن ڪري وس وارن جي حمايت۽ همدرديءَ جي اٽل اوڏاهين ٿئي ٿي، ۽ آبادگارن جي حقن جو تحفظ نه ٿي سگهندو آهي. هن سال به شگر مل مالڪن جي نمائندن سنڌ حڪومت جا حڪم ٿڏيندي ڪمند جو اگھه مقرر ڪرڻ لاءِ شگرڪين بورڊ جي ٻه ڀيرا سڏايل گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت نه ڪئي، جنهن ڪري ڪمند جو سرڪاري اگھه مقرر ڪرڻ وارو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي. ڪمند جو اگھه مقرر نه ٿيڻ ۽ شگر ملن پاران پيڙائي شروع نه ڪرڻ سبب ڪمند جي ڪٽائي به شروع نه ٿي سگھي آهي، جنهن ڪري شگر ڪين بيلٽ ۾ ڪڻڪ جي پوکائي به ناهي ٿي سگهي، جنهن سبب ڪڻڪ جي پيداوار گھٽ ٿيڻ جو امڪان آهي. آبادگارن پاران مختلف هنڌن تي پنهنجي ڪمند جي فصل کي باهه ڏيئي ساڙڻ شروع ڪيو آهي ته جيئن ڪڻڪ جو فصل پوکي سگهجي. آبادگارن موجب، ڪڻڪ جي پوکائي جي سيزن نومبر جو مهينو هوندي آهي، ۽ ڪمند جي ڪٽائي نه ٿيڻ ڪري ڪڻڪ جي پوکي به متاثر ٿيندي. اڃا تائين سنڌ ۾ رڳو سانگھڙ شگر مل پيڙائي شروع ڪئي آهي، باقي ڪجھه شگر ملن رڳو چمنيون ٻاريون آهن، آبادگارن ڪمند جو 600 رپيا في مڻ اگھه مقرر ڪري ڪمند جي ترت پيڙائي شروع ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي.

سنڌ جو زرعي شعبو ڪئين ڏهاڪن کان بحرانن جي ور چڙهيل آهي. حڪومت زرعي شعبي جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ بنهه ناڪام رهي آهي. شگر ملز مالڪن جي تنظيم پاسما هر سيزن ۾ ڪمند جي اگهه مقرر ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻجندي آهي ۽ جڏهن حڪومت ڪمند جو سرڪاري اگهه مقرر ڪندي آهي ته اهو به شگر ملز مالڪ آبادگارن کي ڏيڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن. آبادگار ڪمند جي سرڪاري اگهه ڏيارڻ لاءِ احتجاج ڪندا آهن ته انهن تي حڪومت طرفان بدترين تشدد ڪرايو ويندو آهي، جنھن مان اھو سمجھڻ مشڪل نه آهي ته وقت جي حڪومت ڪنھن جي پاسي ۽ ڪنھن جي مفادن جي نگھبان آھي. شگرڪين ايڪٽ ۽ سنڌ سمال فيڪٽريز ايڪٽ جي موجودگيءَ باوجود حڪومت ڪمند جي پيڙائي وقت سر شروع ناهي ڪرائي سگھندي ۽ پيڙائيءَ ۾ دير سان آبادگارن کي وڏو معاشي نقصان اهو پڻ آهي ته، ڪمند جي ڪٽائيءَ کان پوءِ ئي ان زمين تي ڪڻڪ جي پوکائي ٿي سگهندي آهي، پر ڪمند بيٺل هجڻ جي ڪري ڪڻڪ پوکجي نه سگهندي آهي. اهڙي ريت آبادگارن کي هڪ فصل جو نقصان ٿيندو آهي. ٻي ڳالهه اها ته ڪٽائي دير سان ٿيڻ جي ڪري ڪمند جو وزن گهٽجي ويندو آهي، جنهن سان پڻ آبادگارن کي مالي نقصان پوي ٿو. پيڙائي ۾ دير ٿيڻ جي ڪري هڪ ته ڪمند سوڪ کائي ٿو، جنهن جي ڪري آبادگارن کي نقصان پوي ٿو، باقي مٺاڻ تي ڪو به اثر ناهي پوندو، جنهن جي ڪري شوگر مل وارن کي نقصان نٿو پوي. آبادگار ڪڻڪ جي فصل واري نقصان کان بچڻ لاءِ ڪمند سستي اگهه تي ڏيڻ لاءِ مجبور هوندا آهن يا وري ڪڻڪ جو فصل پوکڻ لاءِ ڪمند جي بيٺل فصل کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيندا آهن. سرڪار ڪمند جو اگهه مقرر ڪندي آهي ته اھو به بنھ گھٽ ھوندو آھي. ايتري قدر جو ٻارڻ جي ڪاٺين جو اگهه به ڪمند جي مقرر ڪيل سرڪاري اگهه کان وڌيڪ ھوندو آهي. ھن ڀيري ته شايد اھڙي ندامت کان بچڻ لاءِ سنڌ حڪومت ڪمند جو سرڪاري اگھه مقرر ئي نٿي ڪري.

سنڌ جو شوگر ڪين بيلٽ حڪومتي هيڻائي ۽ فيصلن تي عمل ڪرائي نه سگهڻ ۽ پاسما جي هوڏ اڳيان گوڏا کوڙڻ جي ڪري تباهه ٿيندو پيو وڃي. اسان سنڌ جي بيوس منتظمين کي اهو چوڻ جي ضرورت ٿا محسوس ڪريون ته پاسما جي دٻاءَ ۾ اچڻ بدران ٿورڙي همت ڪن ۽ ڪمند جو في مڻ مناسب اگھه نه صرف مقرر ڪيو وڃي پر آبادگارن کي ڏياريو پڻ وڃي. جن شوگر ملن هيستائين پيڙائي شروع نه ڪئي آهي، انهن جي مالڪن خلاف ڪيس داخل ڪري کين قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي.