ڪمند جي اگهه لاءِ آبادگارن جو حيدرآباد ۾ احتجاج، مظاهرو

ڪمند جي اگهه لاءِ آبادگارن جو حيدرآباد ۾ احتجاج، مظاهرو

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ آبادگار اتحاد جي سڏ تي آبادگارن ڪمند جو گهربل اگهھ نه ملڻ خلاف ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون نواب زبير ٽالپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو۔ ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ هٿ وٺي زراعت کي تباھ ڪيو ويو آهي وڌنڌڙ مهانگائي سبب فصلن تي آيل خرچ نه ٿو نڪري ويتر حڪومتون فصلن جا اگهھ مهانگائي جي حساب سان مقرر نه ڪرڻ سبب آبادگار ۽ هاري طبقو پسجي رهيو آهي۔ هنن مطالبو ڪيو ته ڪمند جو في مڻ اگهھ 600رپيا ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو