سنڌ ۾ ڪمند جي پيڙائي، جيڪا آڪٽوبر مهيني ۾ شروع ڪرڻي هوندي آهي، اها نومبر جي مهيني جي پڇاڙيءَ تي پهچڻ باوجود شروع ٿي نه سگهي آهي. سنڌ انتظاميا پنهنجي نااهلي ۽ پاسما جي دٻاءَ تي گوڏا کوڙڻ جو هر سال جو رڪارڊ رکي ٿي هن سيزن ۾ به ساڳي واٽ ورتي وئي آهي. سنڌ جي آبادگارن طرفان ڪمند جي پيڙائي شروع نه ڪرڻ خلاف 24 نومبر تي حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ جو شگرڪين بيلٽ مستقل طور تي مسئلن جو شڪار بڻيل آهي. هر سيزن ۾ تڪرار ڪمند جي اگهه تان شروع ٿيندو آهي ۽ وقت تي پيڙائي نه ٿيڻ ۽ آبادگارن جي احتجاجن تي وڃي دنگ ڪندو آهي. سنڌ حڪومت شگر مل مالڪن اڳيان بيوس هوندي آهي. سنڌ حڪومت پاران ڪمند جا سرڪاري اگھه مقرر ڪرڻ لاءِ شگر ڪين بورڊ جا اجلاس به بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي ويا آهن ۽ شگر ڪين ايڪٽ جي موجودگيءَ جي باوجود سنڌ حڪومت ڪمند جو نه امدادي اگهه مقرر ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي پيڙائي شروع ڪرائي سگهي آهي. پاسما هر سيزن ۾ آبادگارن کي ڪمند جي اگهه مقرر ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻجندي آهي ۽ جڏهن حڪومت ڪمند جو سرڪاري اگهه مقرر ڪندي آهي ته اهو به شگر ملز مالڪ آبادگارن کي ڏيڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن. پيڙائيءَ ۾ دير سان آبادگارن کي وڏو نقصان اهو پڻ آهي ته، ڪمند جي ڪٽائيءَ کان پوءِ ئي ان زمين تي ڪڻڪ جي پوکائي ٿي سگهندي آهي، پر ڪمند بيٺل هجڻ جي ڪري ڪڻڪ پوکجي نه سگهندي آهي. اهڙي ريت آبادگارن کي هڪ فصل جو نقصان ٿيندو آهي. ڪٽائي دير سان ٿيڻ جي ڪري ڪمند جو وزن گهٽجي ويندو آهي، جنهن سان پڻ آبادگارن کي مالي نقصان پوي ٿو. سنڌ جي زرعي شعبي جا تمام گهڻا بحران آهن، جن مان گهڻائي اهڙن بحرانن جي آهي، جيڪي غلط انتظامي فيصلن سبب جنم وٺي رهيا آهن. حڪومت بحران ختم ڪرڻ بدران بحران پيدا ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
سنڌ جو شوگر ڪين بيلٽ حڪومتي نااهلي ۽ فيصلن تي عمل ڪرائي نه سگهڻ ۽ پاسما جي هوڏ اڳيان گوڏا کوڙڻ جي ڪري تباهه ٿيندو پيو وڃي. پنجاب ۾ ڪمند جي پيڙائي سنڌ کان پوءِ شروع ٿيندي آھي ۽ ھن ڀيري تي اتي به پيڙائي پنجاب حڪومت جي دٻاءُ ۽ ھر ڏينھن جي حساب سان ڏھ لک روپيا ڏنڊ جي فيصلي کانپوءِ اتي شگر ملن پيڙائي شروع ڪري ڇڏي آھي۽ ڪرشنگ سيزن جي مانيٽرنگ لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جن ۾ ضلعي آفيسر به شامل آهن. جيڪي آبادگارن کي وقت سر ڪمند جي رقم جي ادائيگي کي به يقيني بڻائيندا. پر ٻئي طرف سنڌ حڪومت پاسما جي راءَ کي ريجھائي نه سگهي آھي. پاسما جي سگھاري ھجڻ ۽ شگر ملز مالڪن طرفان آبادگارن جي استحصال جون ڳالهيون ھاڻ ته عالمي ادارن تائين به وڃي پھتيون آھن. ھتي اسان عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف جي ھڪ رپورٽ جو حوالو ڏيڻ مھلائتو ٿا سمجھون، جنھن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شوگر ملز مالڪن پنهنجن فائدن لاءِ کنڊ جي ايڪسپورٽ ۽ قيمتن جي پاليسين تي اثرانداز ٿيا، گھڻو ذخيرو موجود هئڻ باوجود شوگر مل مالڪن مصنوعي کوٽ پيدا ڪرڻ ۽ قيمتن ۾ واڌ لاءِ پاڻ ۾ ملي ڀگت ڪئي. آءِ ايم ايف جي رپورٽ ۾ شوگر ملز مالڪن جي سرڪاري پاليسين تي اثر ۽ رسوخ جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي۔
سنڌ حڪومت کي پنجاب کان سکڻ گهرجي، جتي اثرائتا قدم کڻي شگر ملز مالڪن کان ڪمند جي پيڙائي شروع ڪرائي وئي آهي پر سنڌ انتظاميا شگر ملز مالڪن جي مفادن جي نگھبان ۽ محافظ بڻيل آهي. سنڌ حڪومت کي شگر بيلٽ کي تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ ترت قدم کڻڻ گهرجن. سرڪاري اگهه مقرر ڪري شگر ملون ھلرايون وڃن ۽ ڪرشنگ شروع نه ڪندڙ شگر ملز مالڪن تي، پنجاب حڪومت وانگر ھر ڏينھن جي حساب سان ڏھ لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو وڃي.