ڪمند جي پيڙهائي شروع ڇو ناهي ٿي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران سيڪريٽري زراعت کي نوٽيس

ڪمند جي پيڙهائي شروع ڇو ناهي ٿي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران سيڪريٽري زراعت کي نوٽيس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي آبادگارن پاران ڪمند جي پيڙهائي  شروع نه ٿيڻ خلاف داخل درخواست تي سيڪريٽري زراعت ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ٻڌڻي 5 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي, درخواستگذار آبادگار اڳواڻ نواب زبير ٽالپر چيو ته ڪمند جي وقت سر پيڙهائي نه ٿيڻ سبب  ڪڻڪ جي پوکي نه ڪري سگهيا آهيون، سنڌ ۾ ڪمند جو اگهه گهٽ آهي، ايڪٽ موجب ڪمند جي ڪرشنگ سيزن 15 نومبر کان شروع ٿئي ٿي، هن وقت تائين ملون بند هجڻ سبب ڪمند سڙي رهيو آهي، هن چيو ته ڪمند جي آبادگارن جو معاشي قتل عام بند ڪرايو وڃي.