ڪمند پيڙائي 12 ڪلاڪ بند: ميرپورخاص انتظاميا جو نوٽيس، شگرملن جي نگراني جو فيصلو

ڪمند پيڙائي 12 ڪلاڪ بند: ميرپورخاص انتظاميا جو نوٽيس، شگرملن جي نگراني جو فيصلو

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ضلعي جي شگرملن طرفان قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪمند جي پيڙهائي متاثر ڪرڻ جو عمل شروع ڪرڻ جي شڪايتن جو ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر رشيد مسعود پاران نوٽيس وٺندي لاڳاپيل تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن جي سربراهي ۾ شگرملن جي نگراني ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ان ڏس ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي هدايتن تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو فيصل علي سومرو جي صدارت ۾ ڪمشنر ڪميٽي هال ۾ شوگر ملز جي نمائندن ۽ سنڌ آبادگار بورڊ جي وفد سان گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي،گڏجاڻي  ۾ سنڌ آبادگار بورڊ ضلع ميرپور خاص جي صدر حاجي محمد عمر ٻگهيو، محمد ملوڪ راڄڙ، الله بچايو راڄڙ، منصور چيما، گهرام بلوچ ۽ ضياءُ الرحمان کان علاوه  ضلع جي سمورين شگر ملن جي جنرل مئنيجرن ۽ نمائندن پڻ شرڪت ڪئي.گڏجاڻي ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جي چيئرمين حاجي محمد عمر ٻگهيو  ٻڌايو ته ميرپورخاص ضلعي جي سمورين شگر ملن هڪ هٽي قائم ڪري ڪمند جي پيڙهائي 12 ڪلاڪن تائين بند ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي،  ان کان علاوه ڪمند جي پيڙهائي جو عمل سست پڻ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري شگرملن جي ٻاهران ڪمند سان ڀريل گاڏين جون قطارون لڳي ٿيون وڃن ۽ اهي گاڏيون ٽن کان چئن ڏينهن تائين اتي بيٺل رهن ٿيون. ان جي نتيجي ۾ هڪ پاسي ڪمند سڪندو رهي ٿو ته ٻي پاسي گاڏين جي مالڪن کي پڻ لاڳيتو پريشان ڪيو پيو وڃي، جڏھن ته ٻين آبادگار اڳواڻن پڻ شگر ڪين ايڪٽ جي ڀڃڪڙي جي شڪايت ڪئي،  گڏجاڻي ۾  ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو فيصل علي سومرو شگر ملن جي انتظاميه کي هدايت ڪئي ته اهي ڪمند جي پيڙهائي شگرڪين ايڪٽ موجب ڪن. گڏجاڻي ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته لاڳاپيل تعلقن جي اسٽنٽ ڪمشنرن کي نگران آفيسر مقرر ڪري ان جي ذريعي شگرملن جي نگراني ڪئي ويندي ۽ ان دوران جيڪڏهن  شگرملن طرفان لاڳاپيل ايڪٽ جي ڪا ڀڃڪڙي ثابت ٿيندي ته قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.