| ڪمند پيڙهائي شروع نه ٿي: آبادگارن چيچڙا لڳائي ڳڙ ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيو |
نوابشاهه(بيورو رپورٽ) شگر مِلن ۾ ڪمند جي پيڙهائي نه ٿي سگهي آهي، جنهن ڪري آبادگار پريشان ٿي ويا آهن، جيڪي چيچڙا هلائي ڳڙ ٺاهڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. بڇيري جي آبادگارن ثابت علي زرداري، عظيم علي لاشاري، علي محمد زھري، غلام مصطفيٰ زھري، راڻا طاھر راھو ۽ چوڌري اسلم پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته شگر ملن جي بندش نه صرف آبادگارن جي سالانه محنت ضايع ڪري رهي آهي پر علائقي جي زرعي معيشت لاءِ پڻ سنگين خطرو بڻجي چڪي آهي. ڪمند گهڻي دير تائين بيهارڻ سان وزن گهٽجندو ۽ کنڊ جو تناسب به گهٽجي ويندو، جنهن سبب وڏو مالي نقصان برداشت ڪرڻو پوندو.ان ڪري ڪيترن ئي آبادگارن پنهنجي زمينن تي ئي چيچڙا لڳائي ڳڙ ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو هو روزاني خرچ پورا ڪرڻ لاءِ بازار ۾ وڪڻي رهيا آهن. ٻئي طرف مل مالڪن جو موقف آهي ته جيستائين اگھه ۽ پاليسي واضح نه ٿيندي تيستائين مِلون نه ٿا هلائي سگهون.
ڪمند اگھه ۽ پاليسي واضح ٿيڻ تائين ملون نه هلنديون: الحبيب شگر مل
نوابشاهه: شگر ملون نه هلائڻ بابت الحبيب شگر مل جي انجنيئر آصف علي جو موقف آهي ته جيستائين اگھ ۽ پاليسي واضح نه ٿيندي، تيستائين مِلون نه ٿا هلائي سگهون. هاڻي سڀني جون نظرون حڪومت تي لڳل آهن، ڇو ته هر گذرندڙ ڏينهن سان آبادگارن جا نقصان وڌي رهيا آهن ۽ هو گُڙ ٺاهڻ جهڙا عارضي طريقا اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن.