| ڪمند پيڙهائي شروع ڪريو: حيدرآباد ۾ سومر تي احتجاج، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير احمد ٽالپر ڪمند جي ڪريشنگ شروع نه ڪرڻ خلاف 24 نومبر تي حيدرآباد ۾ احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پڻ پٽيشن داخل ڪئي وئي، سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير احمد ٽالپر پنھنجي جاري ڪيل بيان م چيو آهي ته نومبر ختم ٿي رهيو آهي مگر ڪمند جي پيڙائي اڃان تائين شروع ناهي ڪئي وئي، جيڪي شگرملون آڪٽوبر م ھلڻ کپنديون ھيون اھي نومبر جي اڌ گذري وڃڻ باوجود نه ھلايون ويون آھن. ھن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ ڪجهھ ملن پيڙائي شروع ڪري ڇڏي، مگر سنڌ م ماٺار آھي ھن چيو ته جڏھن کنڊ جو اگهھ 120 روپيا ڪلوگرام ھو تڏھن ڪمند 400 کان 500 روپيا مڻ خريد ڪيو ويو ھو اڄ جڏهن کنڊ 230 روپين کان ٽپي وئي آھي تڏھن به ڪمند جو اگهه 400 رپيا ڏنو پيو وڃي جيڪو قدم آبادگارن جو معاشي قتلام آھي، ڪمند نه نڪرندو ته ڪڻڪ ڪٿان پوکبي؟ پھرين ڪڻڪ،ڦٽي،سارين بعد ھاڻي وري ڪمند جي اگھه ۾ زيادتي ڪئي پئي وڃي ھن چيو ته هميشه سنڌ م ڪمند جي پيڙائي آڳاٽي شروع ٿيندي آھي ڇاڪاڻ ته سنڌ م ڪمند جو فصل ٻين صوبن کان آڳاٽو رھندو آھي سنڌ آبادگار اتحاد ان سلسلي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پڻ پٽيشن داخل ڪري ڇڏي آھي، سنڌ آبادگار اتحاد چتاءُ ڏيندي چيو ته اگر شگرملون نه ھليون ته پريس ڪلب حيدرآباد آڏو 24 نومبر تي ٻنپهرن جو 12 بجي ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو